بريڪنگ نيوزسنڌ

ڏهرڪي ۾پورهيت جو زمين تي قبضي جي ڪوشش خلاف احتجاج

ڏهرڪي (محمد شفيع مڱريو) ڏهرڪي لڳ کينجو ٿاڻي جي حد ڳوٺ الهوسايو مهر جي پورهيت باغ علي مهر جي زمين تي بااثرن جو قبضو، پورهيت ميڊيا آفيس پهچي احتجاج ڪندي انصاف جي گهر ڪئي، ان موقعي تي پورهيت باغ علي مهر ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته علائقي جي بااثرن غلام نبي شر، علي مراد شر، علي اڪبر شر، لياقت علي شر ۽ مٺل شر منهنجي اڍائي ايڪڙ زمين تي زبردستي قبضو ڪرڻ چاهن ٿا ۽ هو مسلسل اسان کي موتمار ڌمڪيون پيا ڏين، هنن چيو ته اسان مسڪين آهيون هو ڏوهاري قسم جا ماڻهو آهن، کينجو ٿاڻي جو ايس ايڇ او به سندن بااثرن سان ٻٽ بڻيل آهي، هنن مان جان جو خطرو آهي، ان موقعي تي پورهيت باغ علي مهر چيف جسٽس سنڌ، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ڪئي ته خدارا بااثرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري تحفظ ڏئي انصاف فراهم ڪيو وڃي.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button