بريڪنگ نيوزسنڌ

حيدرآباد ۾ تيز رفتار ڊمپر جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت

حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر)قاسم آباد ۾ تيز رفتار ڊمپر پڪوڙا اسٽاپ وٽ موٽرسائيڪل سوار کي چيڀائٽي ماري ڇڏيو، ڊمپر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيل سوار سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي پوليس علائقي واسين جي مدد سان اسپتال منتقل ڪيو، جيڪو زخمن جي سٽ نه سھندي فوت ٿي ويو، فوتي جي سڃاڻپ زاھد کوسو جي نالي سان ٿي آھي، جيڪو تعليم کاتي ۾ نائب قاصد ٻڌايو پيو وڃي، ذريعن موجب پوليس ڊمپر کي تحويل ۾ وٺندي ڊرائيور شهاب الدين پٺاڻ کي گرفتار ڪري ورتو آھي، قاسم آباد واسين جو چوڻ ھو ته قاسم آباد ۾ ان قسم جا واقعا پھريان به ڪافي دفعا ٿيا آھن، جيڪي قاسم آباد ٽريفڪ پوليس جي ڪرپشن ۽ نااھلي جو کليل ثبوت آھن، رھواسين ۽ سياسي سماجي ڌرين قاسم آباد ٽريفڪ پوليس خلاف آلاعملدارن کان ڪاروائي جو مطالبو ڪيو ته جيئن ان قسم جي واقعن کان بچي سگھجي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button