بريڪنگ نيوزسنڌ

روهڙي ۾ روڊ جو ڪم رولڙي جو شڪار، ٺيڪيدار پٿر وڇائي گم ٿي ويو، رهواسين جو احتجاج

روهڙي (ن م) روهڙي جي ڳتيل آبادي واري علائقي ڪوٽ مير يعقوب علي شاھ ۽ ڳوٺ رحيم شيخ جي رهواسين حاڪم علي شيخ، شوڪت علي ڀٽو، غلام اصغر جاگيراڻي، سجاد علي ميراڻي، محسن علي شيخ، امتياز علي ميراڻي، ممتاز علي شيخ ۽ ٻين پاران حاصل شاھ چوڪ وٽ ٺيڪيدار سيد نسيم شاھ جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ سخت نعريبازي ڪئي وئي، مظاھرين الزام ھڻندي چيو ته ڪوٽ مير يعقوب علي شاھ ۽ ڳوٺ رحيم شيخ وچ ۾ هلندڙ روڊ جو ڪم ڪيترائي مهينا گذرڻ باوجود مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته ٺيڪيدار ڏيڍ مهينو اڳ روڊ جي تعمير لاءِ پٿر وڇائي ڏيڍ مهيني کان غائب آهي جنهن سبب روڊ جي تعمير ۾ دير ۽ روڊ تي وڇايل پٿرن سبب مقامي ماڻهن خاص ڪري عورتن ۽ ٻارن جو هن روڊ تان گذرڻ انتهائي مشڪل ٿي ويو آهي جڏهن ته محرم الحرام شروع ٿيڻ ۾ ڪجهه ڏينهن باقي آهن ۽ هن روڊ تي ٿڌي پاڻيءَ جون سبيلون لڳايون وينديون آهن ۽ ماتمي جلوسن ۾ شرڪت لاءِ هن روڊ تان عقيدتمند گذري ڪري ايندا ۽ ويندا آھن، روڊ جي تعمير ۾ وڌيڪ سستي ڪئي وئي ته محرم الحرام جي ڏينهن ۾ شهرين ۽ عزادارن کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو، مظاھرين صوبائي وزيري بلديات سنڌ سيد ناصر حسين شاھ، چيئرمين ضلعي ڪائونسل سکر سيد ڪميل حيدر شاھ ۽ ڊپٽي ڪمشنر سکر کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪوٽ مير يعقوب علي شاھ ۽ ڳوٺ رحيم شيخ وچ ۾ رولڙي جو شڪار ٿيل روڊ جلد مڪمل ڪرايو وڃي ۽ علائقي واسين جي بيچيني ختم ڪئي وڃي.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button