بريڪنگ نيوزسنڌ

عمرڪوٽ گرلس هاسٽل ۾ شاگردياڻين کي حراسان ڪرڻ جو ڪيس هاسٽل مالڪ ۽ اڳوڻي پارٽنر عورت خلاف داخل

عمرڪوٽ (رپورٽ: ولي مهر) عمرڪوٽ جي گرلس ھاسٽل ۾ شاگردياڻين کي مبينه حراسان ڪري بليڪ ميل ڪرڻ واري مامري تي ايس ايس پي عمرڪوٽ ۽ ڊپٽي ڪمشنر طرفان جوڙيل ٻن ڌار ڌار جاچ ڪميٽين مختلف رخن کان جاچ ڪري رپورٽ پڌري ڪري ڇڏي آھي جنھن بابت ڪالھه ايس ايس پي عمرڪوٽ اعجاز احمد شيخ ۽ ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد رحمان لاڙڪ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته عمرڪوٽ گرلس هاسٽل ۾ ڇوڪرين کي حراسان ڪري ويڊيو ڀرڻ واري ڳالهه ۾ ڪابه صداقت ناهي ڪوڙيون افواهون آهن هاسٽل مالڪ شهروز قائمخاني ۽ امبرين قائمخاني جو پاڻ ۾ ڪاروباري ڏيتي ليتي تان جهيڙو ٿيو هو ان جهيڙي ۾ ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي جي ڪردار ڪشي ڪري هاسٽل معاملو وچ ۾ آڻي ڇوڪرين جي تعليم کي خراب ڪرڻ لاءِ ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام لڳايا پوليس معاملي جي جاچ ڪري حقيقتون پڌريون ٿيڻ بعد پوليس گرلس هاسٽل مالڪ شهروز قائمخاني ۽ امبرين قائمخاني تي 34, 500,501.290. ڪنهن جي بدنامي ڪرڻ ۽ معاشري جي دل آزاري ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي هاسٽل مالڪ شهروز قائمخاني کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته امبرين قائمخاني جي گرفتاري لاءِ ڪوششون هلندڙ آهن، ھنن چيو ته ضلعي ۾ هلندڙ سموريون هاسٽلن جي رجسٽريشن ڪري هاسٽل هلائڻ لاءِ ايس او پي ٺاهيون وينديون گرلس هاسٽل کي ميل وارڊن ڪنهن به صورت ۾ نٿو هلائي سگهي هاسٽلن تي سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳائڻ به لازمي آهن هاڻ ضلعي انتظاميه ۽ پوليس گڏجي شھر جي سمورين هاسٽلز جي ويريفڪيشن ڪندا ۽ اهو به يقيني بڻايو ويندو ته آئنده به صرف معاشري جا باڪردار ماڻھو ئي ڇوڪرين توڙي ڇوڪرن جي هاسٽل کولي سگهندا اهي ضلعي انتظاميه طرفان جاري ڪيل ايس او پيز جي پاسداري جا پابند هوندا والدين کي به ذميواري جو احساس ڪرڻو پوندو ۽ پرائيويٽ اسڪولن جي اونرز کي به پنهنجي حصي جي ذميواري کڻڻي پوندي نامناسب ماڻھن جون هاسٽلز سيل ڪيون وينديو.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button