بريڪنگ نيوزسنڌ

گهوٽڪي ۾ هٿياربندن هٿان قتل ٿيل نينگري سميت ٽن ڄڻن جي واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيج هٿ، جوابدار گرفتار نه ٿيا

گهوٽڪي (ڊ ر) گهوٽڪي سانحي جا سي سي ٽي وي فوٽيج هٿ، جوابدار نه پڪڙيا، ڪيس داخل نه ٿيو، مارجي ويلن جي تدفين، جنازي نماز ۾ سوين ماڻهن جي شرڪت، هر اک آلي، چونڊيل نمائندن محمد بخش خان مهر، ڄام اڪرام الله خان ڌاريجو ان واقعي جو نوٽيس ورتو، ايس ايس پي گهوٽڪي کي سختي سان تنبيھه ڪئي ته جلد جوابدار گرفتار ڪيا وڃن، گهوٽڪي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل هڪ نينگري سميت ٽن ڄڻن جي انور آباد پارڪ ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو جنازي نماز ۾ هزارين ماڻهن جي شرڪت، واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو ۽ نه وري ڪو جوابدار گرفتار ٿي سگهيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته فريادي اچڻ تي ڪيس درج ڪيو ويندو، گهوٽڪي ۾ هڪ ڏينهن اڳ انور آباد پاڙي ۾ هٿياربندن دڪاندار اصغر ٿهيم کي قتل ڪرڻ بعد غوث بخش ساوند ۽ 12 ورهين جي نينگري بشرا ساوند کي فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا هئا ۽ فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو امام بخش سومرو زخمي ٿي پيو هو.فوتين جا مڙهه ضروري ڪارروائي بعد پوليس وارثن حوالي ڪيا جن جي جنازي نماز انور آباد پارڪ ادا ڪرڻ بعد کين اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنازي نماز ۾ هزاري ماڻهن شرڪت ڪئي جنهن ۾ سياسي سماجي ڌرين جي اڳواڻن ۽ ساوند برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جي ڊي اي ايم پي اي علي گوهر خان مهر، ڊاڪٽر مهتاب سومرو، مير افتخار لنڊ، پوليس مطابق ته ڄاڻايل واقعو ساوند سندراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button