بريڪنگ نيوزقومي

آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ 3 ارب ڊالر جي قرض پروگرام جي منظوري ڏئي ڇڏي، 1.2 ارب ڊالر جاري ڪرڻ جو فيصلو

نيو يارڪ (م ڊ)  آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ 3 ارب ڊالر جي قرض پروگرام جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ان سلسلي ۾  1.2 ارب ڊالر جاري ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو آهي.  آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ اسٽينڊ باءِ معاهدي تحت 9 مهينن لاءِ 3 ارب ڊالرز جي قرض پروگرام جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي،  منظوري کان پوءِ پاڪستان کي 1.2 ارب ڊالرز جي پهرين قسط جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پاڪستان کي باقي فنڊز ايندڙ 9 مهينن دوران ٻن قسطن ۾ جاري ڪيا ويندا، پاڪستان کي پيش ايندڙ مشڪل ٻاهرين ماحول، تباهه ڪندڙ سيلاب، پاليسين جي غلطين، وڏي پيماني تي مالياتي خساري  سبب پيش آئي. پاڪستان ۾ معاشي سڌارن جو پروگرام معيشت کي فوري طور سهارو ڏيڻ لاءِ آهي، پاڪستان کي طئي ٿيل پاليسين تي قائم رهڻو پوندو، هڪ ارب 80 ڪروڙ ڊالرز نومبر ۽ فيبروري جي جائزن کان پوءِ شيڊول ڪيا ويندا. آءِ ايم ايف پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته  معاهدي کان پوءِ مالي نظم و ضبط، مارڪيٽ جي مطابق ايڪسچينج ريٽ، توانائي جي شعبي ۾ سڌارن، موسمياتي تبديلين سان لاڳاپيل قدم ۽ بزنس ڪلائمينٽ متعلق ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button