بريڪنگ نيوزسنڌ

روهڙي ۾ شيخ برادري جي ماڻهن جو با اثرن جي ظلم خلاف احتجاج

روھڙي (ن م) روھڙي جي علائقي اڇيون قبيون ڀرسان ڳوٺ مصري شيخ  جي رھواسين دوست محمد شيخ، قربان علي، غلام علي، مائي ڄامل جي اڳواڻي ۾ عورتون ۽ معصوم ٻارڙا ساڻ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪندي الزام مڙھندي ٻڌايو ته ٻه مهينا اڳ اسان جي شادي شده عورت کي بااثر شخص نثار شيخ ۽ ٻيا مبينا اغوا ڪري کڻي ويا جنهن مٿان روهڙي ٿاڻي تي اغوا جو ڪيس داخل ٿيل آهي پر سندن خلاف ڪابي ڪاروائي نه ڪئي آھي، برادري جا بااثر ماڻهو اسان کي مبينا ڌمڪيون ڏيندا رھندا ھئا توھان ڪيس تان هٿ کڻو نه کڻڻ جي صورت ۾ اوهان کي سگين نتيجا ڀوڳڻان پوندا، ۽ گذريل ڏينهن  صبح جو 5 بجي وڳي نثار شيخ،در محمد، حميد، لکو شيخ ۽ ٻيا گهرن ۾ گهڙي ڀڃ ڊاهه ڪري گهرن کي باهيون ڏني فرار ٿي ويا، اطلاع ڏيڻ تي فائر برگيڊ عملو پھچي باھ کي وسائي ورتي، اھڙي قسم جي اطلاع روهڙي ٿاڻي کي به ڏنو سين ته پوليس پھچي 04 جوابدار گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيا آهن، متاثرن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته اسان غريب آهيون عورت به اسان جي اغوا ڪري ويا آهن ۽ گهر به اسان جا ساڙيان ويا آهن، مظاهرين ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته اسان کي تحفظ ڏيئي جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button