بريڪنگ نيوزقومي

آگسٽ ۾ اقتدار نگران حڪومت حوالي ڪنداسين، 15 مهينن ۾ 4 سالن جي بربادي کي صاف ڪيو، اسان سياست نه پر رياست کي بچايو : وزيراعظم

اسلام آباد (م ڊ/ بيورو)  وزيراعظم شهباز شريف عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان معاهدي ۽ ملڪي معاشي صورتحال بابت قوم کي خطاب چيو ته آگسٽ 2023ع تي نگران حڪومت کي معاملا حوالي ڪنداسين، اسان پنهنجي دور ۾ قومي مفادن جي راهه ۾ رکيل بارودي سرنگون صاف ڪيون هن چيو ته 15 مهينن ۾ 4 سالن جي تباهي جا ڍير کلي ويا، اطمعيشت، پرڏيهي لاڳاپن ۽ ٻين شعبن ۾ لڳل باهه وسائي وئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته هو پنهنجي ووٽ بئنڪ جي فڪر نه ڪن، اسٽيٽ بئنڪ جي ذخيرن ۾ واڌ جي خدشا آهن، اسان ملڪ جي معيشت کي بحال ڪرڻ ۾ مصروف آهيون ۽ ڪجهه ماڻهو ملڪ کي ناڪام بڻائڻ ۾ مصروف آهن. پاڪستان جي ڊفالٽ جو خطرو ۽ سندن ناپاڪ سازش زمين ۾ دفن ٿي چڪي آهي هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته اسان کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ گهرجي، ملڪي معيشت جي بحالي لاءِ جامع پروگرام جوڙيو ويو آهي. ملڪي معيشت جي بحالي لاءِ پروگرام جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي ان کان اڳ ملتان ۾ يوٿ لون پروگرام ۾ پنهنجي تقرير ۾ وزيراعظم چيو هو ته آءِ ايم ايف پروگرام تي خوشيءَ جون ڍول نه وڄايا،  آءِ ايم ايف جو پروگرام حلوه يا ڪڪڙ جو ناهي، شرطون تمام سخت آهن ۽ اسان سڀ شرط قبول ڪيا آهن وزيراعظم چيو ته معاشي استحڪام لاءِ آءِ ايم ايف جو قرض ضروري آهي، الله جو شڪر آهي ته پاڪستان ڊيفالٽ کان بچي ويو آهي ياد رهي ته گذريل ڏينهن انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جي ايگزيڪيوٽو بورڊ پاڪستان جي 3 ارب ڊالرن جي قرض پروگرام جي منظوري ڏني هئي ۽ پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان قرض پروگرام تحت 1 ارب 20 ڪروڙ ڊالر جي پهرين قسط ملي وئي آهي آءِ ايم ايف پروگرام تحت پاڪستان کي 3 ارب ڊالر ملندا، آءِ ايم ايف جو پروگرام 9 مهينن لاءِ آهي، پاڪستان کي 3 ارب ڊالر ملندا وزيراعظم قوم کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته معاشي استحڪام لاءِ آرمي چيف ۽ ناڻي واري وزير جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، سفارتي سطح تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري به سٺيون ڪوششون ڪيون، دوست ملڪن جي سهڪار کي به نٿا وساري سگهون.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button