بريڪنگ نيوزسنڌ

حيدرآباد جي علائقي پريٽ آباد ۾ پاڻي جي موٽر هلائڻ تان ٻن ڪرائيدارن ۾ جهيڙو، خنجر جا وار ڪري نوجوان قتل

حيدرآباد (جي ايم چانڊيو) حيدرآباد جي پريٽ آباد لڳ حيدر شاھه ڪالوني ۾ پاڻي جي موٽر ھلائڻ تان ٻن ڪرائيدارن ۾ جھيڙو، جوابدار خنجر جا وار ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پنڃاري ٿاڻي جي حد زڪيه خانه وٽ حيدر شاھ ڪالوني ۾ پاڻي جي معاملي تان خنجر جا واري ڪري پورھيت نوجوان بيدردي سان قتل، پاڙي وارن جي اطلاع تي پنڃاري پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول نوجوان جو لاش کڻائي ضروري ڪارروائي لاءِ سول اسپتال منتقل ڪري جوابدار جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي،  مقتول نوجوان جي سڃاڻپ 27 ورھين جي محمد نعمان عرف نومي ولد محمد جاويد قريشي   طور ٿي، متقول نوجوان جي سئوٽ سني قريشي جو چوڻ ھو ته مقتول نعمان ۽ رضوان ولد ياسين قريشي جو پاڻي جي موٽر ھلائڻ تان جھيڙو ٿي پيو جنھن تي رضوان خنجر جا وار ڪري نعمان کي قتل ڪري ڇڏيو، پنڃاري پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته شروعاتي جاج موجب ٻئي ھڪڙي مالڪ جا ڪرائيدار ھئا ۽ پاڻي جي موٽر ھلائڻ تان جھيڙو ٿيو آھي جنھن ۾ نوجوان قتل ٿيو، پوليس جو چوڻ ھو ته مقتول نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري جوابدار جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button