بريڪنگ نيوزسنڌ

سنڌڙي ۾ ساس پاران ليکڪ سانگي شبير جي ڪتاب جي مهورتي تقريب

سنڌڙي (ن م) ھن قسم جا پروگرام ٻارڙن جي ادب جي اھميت کي اجاگر ڪن ٿا. (حاجي شاد راڄڙ، سانگي شبير جھڙا نوجوان نئين سنڌ جي نويد آھن .(حاجي ساند، اھڙا پروگرام شعور جي پيڙھ جو پٿر آھن. (حسيب ڪانھيو، سنڌي ادبي سنگت سنڌڙي پاران نوجوان ليکڪ سانگي شبير ڪنڀر طرفان ٻارڙن لاءِ چونڊ ڪھاڻين تي سھيڙيل ڪتاب “مرحوم (ڦ) ڦيٿو” جي مھورتي تقريب  ڪوٺائي وئي، جنھن ۾ علمي، ادبي توڙي سماجي شخصيتن سان گڏوگڏ اسڪول ۽ ڪاليج جي شاگردن پڻ ڀرپور شرڪت ڪئي. پروگرام ۾ آيل مھمانن کي آجياڻو ڏيندي، سنڌي ادبي سنگت سنڌڙي جي سيڪريٽري حسيب ڪانھيي چيو، تہ ھن پروگرام جو مقصد ئي اھو آھي، تہ سنڌ جي پڙھندڙ ٻارڙن جي ڪتابن سان دوستي ڪرائجي ۽ ٻارن جي ادب جي اھميت کي اجاگر ڪجي. ھن چيو، تہ ٻاراڻو ادب شعور جي پيڙھ جو پٿر آھي، تنھنڪري سنڌ جي ٻارڙن کي ادبي شعور ڏيڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. پروگرام جي صدارت ڪندڙ حاجي شاد راڄڙ چيو، تہ ھن قسم جو پروگرام ٻارن جي ادب جي اھميت ۾ اضافو ڪندو. پروگرام جي مھمان خاص روحل واءِ (عمرڪوٽ) کان ڪھي آيل ناليواري شاعر حاجي ساند چيو، تہ سانگي شبير ڪنڀر ننڍي وھيءَ ۾ وڏو ڪم ڪري ڏيکاريو آهي، ھي نئين سنڌ جي نويد آھي. ھن چيو، تہ سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻاراڻو ادب گھٽ لکيو وڃي ٿو، ان لاءِ نئين ٽهيءَ جي قلمڪارن کي اڳتي اچڻو پوندو. سانگي شبير ڪنڀر پنھنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو، تہ آئون شڪر گذار آهيان سنڌي ادبي سنگت سنڌڙي جي پوري سٿ جو جن منھنجي ڪتاب جي شاندار مھورتي تقريب جو انعقاد ڪيو، ھن وڌيڪ چيو ته مون سنڌ جي ٻارن جي سڄاڳيءَ لاءِ هڪ ننڍڙي ڪوشش ڪئي آھي. سنڌ جو ڪو ھڪ ٻار به  منھنجي ھن ڪتاب کي پڙھي اڳتي وڌيو، تہ آئون سمجھندس منھنجو پورھيو سجايو ٿيو. پروگرام ۾ عمرڪوٽ کان ڪھي آيل ڪھاڻيڪار ميوارام نجار، سنڌي ٻاراڻي ادب لاءِ ڏيڍ ڏھاڪي کان بہ وڌيڪ عرصي تائين خدمتون سرانجام ڏيندڙ ٽيڪم مل، ناليوارو شاعر حاجي ساند، ميرپورخاص کان ڪھي آيل خوبصورت شاعر علي رضا لغاري، وفا حضور بخش فضلاڻي، تنھا واجد ڪنڀر، رياض ميمڻ، سنڌي ادبي سنگت ھنڱورنو شاخ جي ساٿين اڪبر ايس مڱريو، محمد بخش شر، ارمان ابراھيم مري، صحافي نبي بخش شر، سماجي شخصيت ڊاڪٽر اسماعيل شر، سنڌي ادبي سنگت ڪنڊياري جي سيڪريٽري ۽ سينيئر صحافي عزيز ساگر شر، جڏھن  ته سنڌڙي جا سينئر اديب استاد ٻڍل لاشاري، جميل لاشاري، جيرامداس اٻوجھي ۽ ٻين مختلف مڪتبِ فڪر جي ماڻھن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. جڏھن ته ڪتاب جو مھورت آيل مھمانن ۽ ننڍڙن شاگردن کان ڪرايو ويو. ان موقعي تي علي رضا لغاري، وفا حضور بخش فضلاڻي، تنھا واجد ڪنڀر، غلام قادر مري نڪور شاعري ٻڌائي خوب داد حاصل ڪيو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button