بريڪنگ نيوزسنڌ

جهنڊو مري ۾ آبادگارن جو پاڻي جي کوٽ خلاف ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاج،گاڏيون بيهجي ويون،مسافر پريشان

جهنڊومري(ن م) پيارولنڊ ويجهو مريدهوٽل اسٽاپ تي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ٽائرن کي باهيون ميرپورخاص ٽو ٽنڊوآدم روڊ ۽ٽنڊوالهيار ٽو جهنڊومري روڊ مڪمل بند گاڏين جون وڏيون قطارون لڳي ويون مسافر گاڏين ۾سوار ٻار ۽ عورتون سخت گرمي ۾ پيئڻ جي پاڻي لاءِ شخت پريشان، پاڪستان جي تاريخ ۾ واحد هي ميل شاخ آھي جيڪا ٽنڊوآدم مان نڪرندڙ آھي پر نه انهي تي سرويل آھي نه ئي داروغو صرف ايس ڊي او سراج ميمڻ آھي  جنهن شاخ تي پورو عملو نه هوندو شاخ ڪٿان هلندي، آبادگارن جي اڳواڻن  محمد موسا خاصخيلي.محمد بخش بروهي .مير نجيب ٽالپر.محمد اسماعيل عمراڻي ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان کي هٿ وٺي تباهه ڪيو پيو وڃي پيو پهرين اسان جا فصل ٻوڏ ۾ تباهه ٿيا هاڻي وري آبپاشي عملدار هٿ وٺي سڪائي رهيا آھن اسان جي حصي جو پاڻي آبپاشي عملدار منڍ جي آبادگارن کي ڏوڪڙن عيوض وڪرو ڪري رهيا آھن ايس ڊي او آبپاشي سراج ميمڻ کي باربار شڪايتون ڪيون پر ڪن تي جونهن به نه سري ميل شاخ جي آبادگارن کي پيارولنڊ پوليس منٿون ڪندي رهي ته روڊ کوليو پر آبادگارن هڪ به نه ٻڌي  3ڪلاڪن بعد ايريگيشن عملدارن پاران حديڪي شاخ جي داروغو شاهد مشوري ۽ سرويل حبيب الله وگهيو آبادگارن سان ڳالهيون ڪيون جيڪي ناڪام رهيون  آباگارن جو چوڻ ھو ته  اسان کي پاڻي ڏيو   4ڪلاڪ بعد ڊي ايس پي جهنڊومري عبدالستار گرگيج آبادگار سان ڳالهيون ڪيو ۽ ايريگيشن عملدارن رابطو ڪيو انهي بعد احتجاج ختم ڪرايو، ميل شاخ جي آبادگارن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه، ايريگيشن جي  وزير سيد سردار شاھه کي اپيل ڪندي چيو خدارا اسان ننڍن آبادگارن کي پاڻي ڏنو وڃي جر جو پاڻي خراب آھي جيڪو پيئڻ جي قابل نه آھي چوپايو مال ۽ ماڻھو شاخ جو پاڻي پئيندا آھن  ايس ڊي او سراج ميمڻ خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button