بريڪنگ نيوزقومي

وزيراعظم جي صدارت هيٺ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيليٽيشن ڪائونسل جو اجلاس، آرمي چيف جنرل عاصم منير جي به شرڪت، خليجي ملڪن ۽ چين سان سرمائيڪاري بابت معاملن تي غور

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي صدارت هيٺ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيليٽيشن ڪائونسل جو اجلاس، آرمي چيف جنرل عاصم منير جي به شرڪت، خليجي ملڪن ۽ چين سان سرمائيڪاري بابت معاملن تي غور، وزيراعظم نگران سيٽ اپ لاءِ (ن) ليگ جي مشاورتي ڪميٽي جوڙي ڇڏي، اتحادي جماعتن کي به ڪميٽيون جوڙڻ جي هدايت، ڪميٽي ۾ سردار اياز صادق، خواجا سعد رفيق، خواجا آصف، احسن اقبال ۽ اسحاق ڊار شامل، ڪميٽي سڌو سنئون نواز شريف سان رابطي ۾ رهندي، پ پ، ايم ڪيو ايم، جي يو آءِ ۽ ٻين اتحادي جماعتن سان ڳالهيون ڪندي، مسلم ليگ (ن) جي ڪميٽي پي ڊي ايم ۽ اتحادين سان قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جي تاريخ ۽ نگران وزيراعظم جي نالن تي مشاورت ڪندي، وزيراعظم سان بي اين پي چيئرمين سردار اختر مينگل جي ملاقات، سياسي صورتحال تي ڳالهيون، وزيراعظم شهبازشريف سوئڊن ۾ قرآن ڪريم جي بي حرمتي جي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته او آئي سي جي پليٽ فارم تان هن شيطانيت جي تدارڪ جي گڏيل حڪمت عملي ٺاهينداسين پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم چيو ته او آئي سي کي مسلم امت جي احساسن جي ترجماني ۽ ان شيطانيت کي روڪرائڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪرڻو آهي، توريت، انجيل ۽ قرآن ڪريم جي بي حرمتي جي اجازت ڏيڻ جي فيصلي کي تبديل ڪرڻ جي مهم هلائينداسين وزيراعظم چيو ته مقدس ڪتابن، هستين جي بي حرمتي اظهار جي نه پر دنيا کي مستقل آزار ڏيڻ جي آزادي آهي وزيراعظم چيو ته واقعن جو تسلسل ۽ ترتيب ثبوت آهي ته هي اظهار جو نه پر سياسي ۽ شيطاني ايجنڊي جو حصو آهي. پوري اسلامي دنيا ۽ مسيحي دنيا کي گڏجي هن سازش کي روڪڻو پوندو شهباز شريف چيو ته شيطان جا پوئلڳ هن ڪتاب جي بي حرمتي ڪري رهيا آهن جنهن انسان کي عزت ڏني حق ۽ رهنمائي ڏني.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button