بريڪنگ نيوزسنڌ

مسلمان پنهنجي تي آيا ته قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪندڙن کي ڌرتي تي لڪڻ لاءِ جاءِ نه ملندي: مولانا فضل الرحمان

ڪراچي (بيورو) پي ڊي ايم ۽ جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته قرآن، ناموس رسالت ۽ عقيده ختم نبوت اسان جي ريڊ لائن سوئڊن قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪري اسان جي ريڊ لائن ڪراس ڪئي آهي مسلمان قرآن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻن ٿا خون جو نذرانو ڏئي قرآن جي حفاظت ڪنداسين پاڪستان سميت اسلامي دنيا سوئڊن مان سفير واپس گهرائي اسرائيل کي پاڪستان جي معاملن ۾ مداخلت جي اجازت نه ڏينداسين پاڪستان ۾ اسرائيل جي ايجنٽن جي ڪائي جاءِ نه آهي اسلامي دنيا جي اجتماعي ردعمل ۽ سفيرن کي واپس نه گهرايو ويو ته هر جمعي تي احتجاج ٿيندو آچر تي ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران حرمت قرآن م مظاهري کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اڄ جو مظاهرو پاڪستان جي سرزمين تان برسات جو پهريون ڦڙو آهي اڄ جو اجتماع سوئڊن ۾ قرآن ڪريم جي توهين تي ڏک ۽ ڪاوڙ جوا ظهار آهي قرآن ڪريم جي توهين برداشت کان ٻاهر آهي سوئڊن ڊنمارڪ ۽ سڄي الهندي دنيا کي آگاهه ڪريون ٿا ته ناموس رسالت ۽ قرآن پاڪ تي حملو مسلم امت پاڻ تي حملو سمجهي ٿي مسلمان اٿي پيا ته زمين تنگ ڪري ڇڏينداسين ۽ توهان کي ڪٿي جيئڻ جو موقعو نه ملندو هن چيو ته مسلمان وسيع النظر آهن حضرت محمد صلعم وانگر عيسيٰ عليه اسلام ۽ موسيٰ عليه سلام کي به سچا پيغمر انجيل ۽ تورات کي به الحامي ڪتاب سمجهون ٿا سمورن آسماني ڪتابن جي عزت ڪريون ٿا هن مغرب کي مخاطب ٿيندي چيو ته هي توهان آيو جنهن انجيل تورات جو حليو بگاڙي ڇڏيو اوهان پنهنجي ڪتابن جي حفاظت نه ڪري سگهيا مسلمان قرآن جي هڪ هڪ حرف جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿو هن چيو ته اسلامي دنيا جي حڪمرانن ۽ پاڪستاني رياست کان گهر ڪريان ٿو ته سڄي اسلامي دنيا هر ملڪ پنهنجو سفير سوئڊن مان احتجاجن واپس گهرائي ان تي واضح ٿئي ته اسلامي دنيا قرآن ۽ پيغمبر جي نبوت لاءِ هڪ جان آهي او آئي سي ان ڳالهه جو اعلان ڪري قرآن جو حق آهي اسان مٿان سڄي دنيا کي ان طرف وڌڻ کان روڪڻو پوندو پاڪستان بابت اسرائيلي قيادت جي بيان تي ردعمل ڏيندي مولانا فضلا لرحمان چيو ته اسرائيل پاڪستان جي معاملن ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي پنهنجي ايجنٽن ذريعي گڏيل قومن ۾ آواز اٿاري ٿو اسرائيل جي ايجنٽن کي پاڪستان ۾ اسان جي ابابيلن شڪست ڏني اسرائيل ۽ ان جي ايجنٽن جي خلاف مهم جاري رهندي. مظاهري کي مولانا راشد محمود سومرو ۽ ٻين به خطاب ڪندي مظاهري ۾ سوئڊن ۽ اسرائيل جا جهنڊا ساڙيا ويا ۽ سوئڊن جي صدر جو پتو به ساڙيو ويو احتجاج دوران تيز هوا سان گڏ برسات به وسندي رهي جڏهن ته جلسي ۾ شامل ماڻهو پنهنجي قائد جو خطاب ٻڌندا رهيا ان دوران پريس ڪلب ۽ ڀرپاسي جو علائقو سوئڊن جي خلاف نعرن سان گهونجندو رهيو.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button