بريڪنگ نيوزقومي

سائفر ۽ آڊيو ليڪ جاچ معاملو ، شاهه محمود قريشي ۽ اسد عمر ايف آئي اي ۾ پيش ،سائفر حقيقت هئي ۽ آهي: قريشي

اسلام آباد (اين اين آءِ)سائفر ۽ آڊيو ليڪ جاچ جي معاملي تي پي ٽي آئي جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي ۽ اسد عمر ايف آئي اي جي جوائنٽ انڪوائري ٽيم جي اڳيان پيش ٿيا 8 رڪني جوائنٽ انڪوائري ٽيم ڊائريڪٽر ايف آئي اي اسلام آباد زون رانا جبار جي سربراهي ۾ جاچ ڪئي ايف آئي اي جي مختلف ونگز جي آفيسرن سميت ٽن انٽيليجنس ادارن مان گريڊ 19 جو هڪ هڪ آفيسر شامل هو شاهه محمود قريشي ڏنل وقت 11 وڳي کان 5 کان 10 منٽ اڳ ايف آئي اي هيڊڪوارٽر پهتو. ايف آئي اي جي دهشتگردي ٽوڙ ونگ شاهه محمود قريشي ۽ اسد عمر کي طلب ڪيو هو جنهن کان پوِءِ صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته اڳ به چئي چڪو آهيان ته سائفر هڪ حقيقت هئي ۽ حقيقت آهي. موجوده وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ سائفر کي تسليم ڪيو ويو شاهه محمود قريشي چيو ته اٽڪل پوڻا ٻه ڪلاڪ جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم جي سامهون پيش ٿيس هن چيو ته پهريان به نوٽيس مليا مان سوالنامو گهريو هو مان اڳ به پيش ٿيس سوالن جو سچائي سان جواب ڏنو اڄ جي سوالن تي پنهنجو موقف ڏنو شاهه محمود قريشي چيو ته ذميوار ماڻهو جن جو تعلق منهنجي پارٽي سان نه آهي انهن چيو ته هي سياسي ڊرامو آهي سائفر معمولي نوعيت جو نه هو اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته سائفر جي حيثيت ۽ نوعيت تي قومي سلامتي جا ٻه اجلاس سڏايا ويا هڪ اڳوڻي وزيراعظم ۽ ٻيو موجوده وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو ٻنهي اجلاسن ۾ سائفر کي تسليم ڪيو ويو آهي هن چيو ته شهبازشريف جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ به انڪار نه پر تسليم ڪيو ويو پي ٽي آئي چيئرمين ڪوشش ڪئي ته سپريم ڪورٽ جي نگراني ۾ آزاد جاچ ٿئي شاهه محمود قريشي چيو ته نيشنل سيڪيورٽِي ڪميٽي اجلاس ۾ سمورين سياسي پارٽين جي قيادت کي گهرايو ويو ان وقت جي اپوزيشن اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو هو. پي ٽي آئي جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مهانگائي ختم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪندڙ حڪمران ٽولو 14 مهينن ۾ رڳو پنهنجي ڪرپشن جا ڪيس ختم ڪري سگهيو. شاهه محمود قريشي چيو ته موجوده حڪمران ٽولو جيڪو پنهنجي پاران مهانگائي ختم ڪرڻ جي عزم سان عوام تي مڙهيو ويو گذريل 14 مهينن ۾ رڳو پنهنجي ڪرپشن جا ڪيس ختم ڪري سگهيو. هن چيو ته عوام جي حالت اها آهي ته مهانگائي ۽ بيروزگاري چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي اڄ به بجلي جا اگهه وڌيڪ وڌايا ويا آهن. هن چيو ته هارين لاءِ ٽيوب ويل هلائڻ ڏکيو ٿي ويو آهي هرهڪ ڪارخانو تقريبن بند ٿيڻ وارو آهي هن چيو ته هن بدترين دور کي نه عوام وساري سگهندو ۽ نه تاريخدان.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button