بريڪنگ نيوزسنڌ

وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٿرڪول انرجي بورڊ جو اجلاس، وفاقي وزير رٿابندي جي وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت

ڪراچي (بيورو) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿرڪول انرجي بورڊ جي 25هين اجلاس ۾ بلاڪ-I جي سالياني 7.8 ملين ٽن واري فنانشل ڪلوز اسٽيج جي درخواست لاءِ 37.36 ڊالر في ٽن جي ليولائزڊ ٽيرف ۽ بلاڪ II جي ساليانو 11.2 ملين ٽن ڪنٽريڪٽ اسٽيج پٽيشن لاءِ 30.40 ڊالر في ٽن ليولائز ٽيرف جي منظوري ڏني وئي. اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزير رٿابندي احسن اقبال (وڊيو لنڪ ذريعي)، وزير توانائي امتياز شيخ، وزير معدنيات شبير بجاراڻي، وزير تعليم سردار شاهه، قانوني صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، سيڪريٽري توانائي ابوبڪر مدني، ايم ڊي ٿرڪول انرجي بورڊ خادم حسين چنا ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. توانائي واري وزير امتياز شيخ سنڌ جي وڏي وزير کي ٿر ڪول فيلڊز کاڻ کي آپريٽ ڪندڙ SECMC ۽ SSRL جي اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته هن وقت کاڻ مان ڪوئلي جي پيداوار 15.4 ملين ٽن ساليانو آهي ۽ جيڪڏهن بورڊ ان تجويز کي منظور ڪري ٿو ته ايندڙ 18 مهينن ۾ ان کي وڌائي ساليانو 19 ملين ٽن ڪرڻ جو منصوبو آهي. بورڊ تجويز جي منظوري ڏني. ٿر جي ڪوئلي مان 2640 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي، جنهن سان 7 لک کان وڌيڪ گهرن کي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي. ان کان علاوه ٿر جي ڪوئلي مان پيدا ٿيندڙ بجلي ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار جي گھٽ اگهن منجهان آهي. هن چيو ته ٿر جي ڪوئلي مان پيدا ٿيندڙ بجلي درآمد ٿيل ڪوئلي جي ڀيٽ ۾ گهڻي سستي آهي جنهن سان وڌيڪ توانائي جي بچت ٿئي پئي ۽ ملڪ جي پرڏيهي مٽاسٽا ناڻي جي بچت ٿئي ٿي. اجلاس دوران ٿرڪول انرجي بورڊ جي انتظاميا ٿرڪول فيلڊز جي بلاڪ I لاءِ ساليانو 7.8 ملين ٽن ڪوئلو ڪڍڻ لاءِ فنانشل ڪلوز اسٽيج پٽيشن سان گڏ ٿرڪول فيلڊز بلاڪ II لاءِ ساليانو 11.2 ملين ٽن ڪوئلو ڪڍڻ لاءِ ڪانٽريڪٽ اسٽيج پٽيشن بابت بورڊ کي بريفنگ ڏني. پريزنٽيشن دوران ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته جيئن جيئن معدنيات جو پڌ وڌندو پيو وڃي تيئن تيئن پيداوار جي مجموعي لاڳت ۾ وڏي حد تائين گهٽتائي اچي رهي آهي مطلب ته معدنيات جا معيشت تي وڏا مثبت اثر پئجي رهيا آهن. جيئن جيئن کاڻ جي کوٽائي ۾ واڌ ٿيندي ويندي معيشت مضبوط ٿيندي ۽ ڪوئلي جي اگهن ۾ گهٽتائي ايندي رهندي، جنهن جي نتيجي ۾ ٿرڪول فيلڊز ۾ لڳل مائن مائوٿ پاور پلانٽس سان بجلي جي پيداواري ٽيرف ۾ پڻ گهٽتائي ايندي. بورڊ ٿرڪول فيلڊز جي بلاڪ I جي ساليانو 7.8 ملين ٽن لاءِ فنانشل ڪلوز اسٽيج پٽيشن لاءِ 37.36 آمريڪي ڊالر في ٽن جي ليولائز ٽيرف جي منظوري ڏني جنهن کي شنگھائي اليڪٽرڪ هلائي رهي آهي ۽ ۽ سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني پاران هلندڙ ٿر ڪول فيلڊز بلاڪ-II جي ساليانو 11.2 ملين ٽن لاءِ ڪانٽريڪٽ اسٽيج جي پٽيشن لاءِ 30.40 آمريڪي ڊالر في ٽن جو ليولائزڊ ٽيرف آهي. ياد رکڻ گهرجي ته جيئن مائنن جي پيداوار وڌندي، ٽيرف گهٽجندو ويندو. جڏهن ٿر ڪول فيلڊز جي بلاڪ II لاءِ پهريون COD ٽيرف منظور ڪيو ويو تڏهن ليولائزڊ ٽيرف 47.92 آمريڪي ڊالر في ٽن هو جنهن ۾ گهڻي حد تائين گهٽتائي آئي آهي ڇوته کاڻ جي کوٽائي ۾ جاري آهي. چيئرمين TCEB گذريل ڪجهه مهينن ۾ پنج (05) ٽيرف ڊسپوزل سان گڏوگڏ ٿرڪول فيلڊ کي نان-پاور يوزز تائين وڌائڻ لاءِ اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورتي اجلاس شروع ڪرڻ تي TCEB انتظاميا جي ڪوششن کي ساراهيو. اسٽيڪ هولڊر مشاورتي اجلاس ۾ 50 کان وڌيڪ صنعت جي ماهرن شرڪت ڪئي جن ٿر ڪول فيلڊز جي فائدن ۽ ملڪ ۾ صنعتي ترقي ۾ مثبت ڪردار بابت معلوماتي ڄاڻ ڏني. بورڊ ٿر ڪول جي تجويز ”جتي بجلي دستياب ناهي اتي بجلي پهچائڻ“ تي غور ويچار ڪيو ۽ فريم ورڪ تيار ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني جيڪو موجوده يا ڪنهن به ماهر معدنيات کي ٿرڪول جي واڌ ۽ ان لاءِ هڪ فعال مارڪيٽ بابت مددگار ثابت ٿيندو ۽ جنهن ذريعي مختلف ٻين صنعتن کي وڪرو ڪرڻ کي موثر طريقي سان ممڪن بڻايو ويندو ۽ اهو رڳو بجلي جي استعمال تائين محدود نه رهندو. ان سان ٿرڪول هڪ مارڪيٽ طور ترقي ڪندو ۽ کاڻن ۾ وڌيڪ ضافو ممڪن ٿيندو، ان سان بجليءَ جي پيداوار جي لاڳت ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي ۽ بجلي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ کاڻ کي وڌايو ويندو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button