بريڪنگ نيوزسنڌ

اسلام ڪوٽ ۾ منشيات جي وڪري خلاف شٽربند هڙتال، ريلي، ڌرڻو

اسلام ڪوٽ(رپورٽ:سجاول بجير) اسلام ڪوٽ شهر ۾ باءِ پاس روڊ تي آبادين ويجهو کُلندڙ امڪاني شراب جي گُتي سميت هلندڙ سرعام منشيات جي وڪري خلاف مذهبي جماعتن، هندو برادري جي اڳواڻن، شهرين ۽ واپارين جي سڏ تي مڪمل طور تي شٽربند هڙتال ڪئي وئي، شهر مڪمل بند رهيو، اُنهي سلسلي ۾ مذهبي جماعتن جي اڳواڻن مولانا تاج محمد سومرو، عبدالخالق جوڻيجو، اڳوڻو ناظم گهنشام داس پارواڻي، عبدالغني بجير، شاهنواز خاصخيلي، حافظ لياقت علي بجير، عبدالغني ميمڻ، اسماعيل هنگورجو، وريام لنجو، جعفر وڪيو سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا ريلي مختلف روٽن کان ٿيندي ٽائون موڙ تي پهتي، جتي احتجاج ڪندي ڌرڻو هنيو ويو ۽ شراب جي گُتن سميت منشيات جي سرعام وڪري خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، اُنهي موقعي تي اڳواڻن مير محمد بليدي، عزيز الله ساند، مولانا عبدالخالق جوڻيجو، عبدالغني ميمڻ، اسماعيل سميجو، شاهنواز خاصخيلي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پرامن شهر کي مڪمل طور تي منشيات جو اَڏو بڻائڻ لاءِ ٻيو شراب جو گُتو کولڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪا سازش اسان ناڪام بڻائينداسين، هي سازشي حُڪمران سنڌ کي تباھ ۽ برباد ڪرڻ سان گڏ نوجوان نسل کي مڪمل طور تي نشي جو عادي بڻائي ختم ڪرڻ چاهين ٿا، هن ضلعي جي ڊي سي ۽ ايس ايس پي کي سوچڻ گُهرجي ته اسلام ڪوٽ ۾ تعليمي ادارا کُلڻ بدران بيحيائي جا اڏا کُلي رهيا آهن، ٻنهي ذميوار آفيسرن کي عوامي راءِ جو احترام ڪرڻ سان گڏ نوٽيس وٺي حڪومت کي لکڻ گُهرجي، گُتي سميت سماجي بُراين جو خاتمو نه آيو ته ايس ايس پي آفيس آڏو اڻ اعلانيل مُڌي تائين ڌرڻو هڻبو، هنن چيو ته هن ايس ايس پي جي مقرري بعد ٿر ۾ بُرايون عام ٿيون آهن، شهرن توڙي ڳوٺن ۾ منشيات، چورين ۽ وڌنڌڙ بدامني جي ذميوار پوليس آهي، کُلندڙ گُتي خلاف مزاحمت ڪبي، ڊي آءِ جي ۽ آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺن، ٿر جا چونڊيل نمائيندا وڌنڌڙ بُراين کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، ڪرپٽ پوليس آفيسرن کي هٽائڻ لاءِ حڪومت سان ڳالهائين، اگر هُو خاموش رهيا ته تاريخ کيس معاف نه ڪندي، اليڪشن ۾ به عوام کيس تڪن ۾ لهڻ نه ڏيندي، هنن چيو ته اڳ ۾ کليل شراب جو گُتو غيرقانوني طور هلي رهيو آهي، لوڪيشن هڪڙي هنڌ جي ۽ گُتو ٻي هنڌ کليل آهي،گُتي تان شراب سرعام هلي رهيو آهي، جمع جي ڏينهن به شراب جو وڪرو بند نه ٿو ٿئي، پوليس کي گُتي کانسواءِ هلندڙ شراب جا لکين روپيا ملن ٿا، اڳوڻي ناظم گهنشام داس پارواڻي خطاب ڪندي چيو ته هندن جي نالي تي کُليل سمورن شراب خانن جا لائسنس رد ڪيا وڃن، اسان جي نالي جي آڙھ وٺي سرعام ٿيندڙ هي ڪڌو ڌنڌو بند ٿيڻ گُهرجي، اسان هن کُلندڙ گُتي سميت هر بُرائي جي خلاف آهيون، جدوجهد ڪبي، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شهر ۾ هر منشيات سرعام هلي رهي آهي، جڏهن اسان سڀ هڪ پليٽ فارم تي گڏجي هن بُرائي جي خلاف احتجاج ڪري رهيا آهيون ته پوءِ اُها ڪهڙي طاقت آهي جو منشيات کي بند ٿيڻ نه ٿي ڏي، پوليس سچي ٿئي ته بُرايون ختم ٿي سگهن ٿيون، پوليس، ايڪسائيز ۽ سي آءِ اي پوليس کي لکين روپيا منٿليون ملن ٿيون، ايس ايس پي آفيس منشيات فروشن سان مليل آهي، تازو مقرر ٿيل ايس ايس پي جي چارج وٺڻ بعد منشيات جو وڪرو سرعام شروع ٿيو آهي، ڊي آءِ جي ميرپورخاص ۽ آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺن ٻي صورت ۾ پرامن احتجاجو دائرو وسيع ڪرڻ سان گڏ سڄي ضلعي ۾ شٽربند هڙتال جو اعلان ڪنداسين.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button