بريڪنگ نيوزسنڌ

ڪراچي ملڪ جي ساهه واري رڳ ۽ ڪمرشل ڪيپيٽل حب آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (بيورو) ڪراچي جي ميئر بريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪراچي ملڪ جي ساهه واري رڳ ۽ ڪمرشل ڪيپٽل حب آهي ملڪ جي ترقيجو دارومدار ڪراچي جي ترقي تي آهي اسان کي پنهنجي شهرن جي هاڪاري مارڪيٽنگ ڪرڻي پوندي پاڪستان پيپلزپارٽي کي هن شهر جي ماڻهن مينڊيٽ ڏنو آهي ۽ ماڻهن جي اميدن جي عين مطابق چونڊيل مڪاني نمائندا شهري مسئلا حل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن سڄي شهر ۾ ترقياتي ڪم ٿي رهيا اهن ۽ منهنجي ڪوشش آهي ته ڪراچي کي ٻيهر روشنين جو شهر بڻايو وڃي اها ڳالهه سومر ڏينهن سنڌ سالڊ ويسٽ مئنجمينٽ بورڊ جي آفيس ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف مئنجمينٽ جي 33هين سينيئر مئنجمينٽ ڪورس ۾ شريڪ ٿيندڙن تي ٻڌل وفد کي خطاب ڪندي ڪئي. مرتصيٰ وهاب چيو ته افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ڪراچي لاءِ هڪ ناڪاري رجحان بڻايو ويو اهي جڏهن ته ڪراچي جيڪو ڪڏهن دنيا جي خطرناڪ شهرن ۾ پهرين نمبر تي هو اڄ ترقي ڪري رهيو آهي ۽ هڪ پرامن شهر آهي الحمدالله هاڻي هتي دهشتگردي، ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتي خوري، اغوا عيوض ڀنگ جا ڏوهه نه پيا ٿين ماڻهو هتي سڪون سان پنهنجو ڪاروبار ڪري رهيا آهن صوبائي حڪومت ڪراچي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ۽ مختلف شعبن ۾ بهتري جو عمل لاڳيتو جاري آهي مرتصي وهاب چيو ته اسان کي اهو سمجهڻو پوندو ته ڪراچي هلندو تهملڪ ترقي ڪندو هتي صنعتي ۽ ڪاروباري سرگرميون وڌنديون ته هن شهر ۽ ملڪ جي ماڻهن کي روزگار ملندو تعليمي ادارن جو معيار بهتر ٿيندو ته هتان مختلف مهارتون رکندڙ ماڻهو ملندا شهري انفرااسٽريڪچر کي ترقي ملڻ سان روزاني جا مسئلا حل ٿيندا ۽ شهرين جي زندگي جو معيار بهتر ٿيندو اهي سڀ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي تها سان سڀ پنهنجي شهر کي اون ڪريون ۽ شهر جي ترقي لاءِ ٿيندڙ ڪمن ۾ صوبائي ۽ شهري حڪومت سان تعاون ڪريون اسان کي پنهنجي گهرن وانگر شهر کي صاف سٿرو رکڻو اهي ڪراچي جو قدر ڪريون هي اسان لاءِ ڪنهن نعمت کان گهٽ نه آهي هن چيو ته ڪراچي ۾ اڄ به 10 کان 12 هزار ماڻهو روزانو اچن ٿا ۽ هي شهر دل سان هرهڪ جي آجيان ڪري ٿو ڪراچي ۾ پاڪستان جي مختلف شهرن مان ماڻهو اچن ٿا ۽ ڪراچي جي اسپتالن ۾ اچي مفت علاج ڪرائين ٿا ٻاهرين ملڪ مان مريضجناح اسپتال ۾ سائبر نائف جي جديد سهولت مان فائدووٺن ٿا سڄي دنيا ۾ ڪٿي به ڪائي اهڙي مفت سهولت نه آهي جنهن جو انتظام ڪراچي ۾ سنڌ حڪومت ڪيو آهي اهڙي طرح نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪيولر ڊزيز ۾ دل جي مرضن جو مفت علاج ڪيو وڃي ٿو سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولوجي اينڊٽرانسپلانٽينشن کي سنڌ حڪومت فنڊ فراهم ڪري ٿي ۽ هتي به سڄي پاڪستان جي ماڻهن جو مفت علاج ٿئي ٿو هن چيو ته ڪنهن به شعبي ۾ ترقي لاءِ بهتر۽ وسيع رٿابندي ۽ ان تي بروقت عملدرآمد اهميت وارو هوندو آهي جڏهن ته نگراني جو موثر نظام ترقياتي ڪمن کي وقت تي مڪمل ڪري ٿو اهو ئي مينجمينٽ جو بنيادي اصول آهي ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت ڪراچي سميت سنڌ جي سمورن شهرن ۾ انهي اصول تحت شهرين کي بهتر معيار جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي ترقي ۽ بهتري جو هي عمل جاري رهندو. آخر ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف مئنجمينٽ ۾ 33هين سينيئر مئنجمينٽ ڪورس م شريڪ ٿيندڙن ڪراچي جي حوالي سان مفيد ۽ ڄاڻ وارو تفصيل فراهم ڪرڻ تي ڪراچي جي ميئر بئريسٽرمرتصي وهاب جو شڪريوادا ڪيو ۽ کيس اداري پاران شيلڊ پيش ڪئي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button