بريڪنگ نيوزسنڌ

گرڊ اسٽيشن خانپورمهر جي فيڊر مان بجلي ڪنيڪشن ڪٽڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو

خانپورمهر(ن-م ) خانپورمهر ۾ گرڊ اسٽيشن خانپورمهر مان نڪرندڙ احمد سائين فيڊر مان بجلي ڪنيڪشن ڪٽڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو، خبرموجب خانپورمهر ويجهو ڳوٺ حاجي خاوند بخش مهر،ولو مهر سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين غلام مرتضي مهر، مقصود مهر، مشتاق مهر، صدرالدين مهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سيپڪو خانڳڙھ جي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ۾ شريڪ ڳوٺاڻن ايس ڊي او سميت عملدارن جي ناجائزين خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته اسان جي ڳوٺن جي بجلي احمد سائين فيڊر مان هلندڙ هئي جنهن جو ڇهن مهينن کان ڪنيڪشن ڪٽيل آهي ۽ تارون به لاٿيون ويون آهن،ڇهن مهينن کان بجلي بند هجڻ ڪري عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون، ايس ڊي او سيپڪو خانڳڙھ وٽ وڃي ٿڪجي پيا آهيون پر هو ڪجهه به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته اسين احمد سائين فيڊر مان بجلي هلائيندڙ آهيون ۽ وقت تي بل به ادا ڪندا آهيون پر سيپڪو عملدارن بنا جواز اسان جي ڳوٺ جي احمد سائين فيڊر مان بجلي ڪنيڪشن ڪٽي ڇڏيو آهي، هن وقت به احمد سائين فيڊر مان ڪيترن ئي ڳوٺن جي بجلي هلي ٿي، اسان سان صرف ناجائزي ڪئي وئي آهي، احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته فوري طور نوٽيس وٺي ايس ڊي او سيپڪو خانڳڙھ خلاف ڪارروائي ڪري بجلي بحال ڪئي وڃي.0

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button