بريڪنگ نيوزقومي

چونڊون نئين آدمشماري تحت ٿينديون،دير جو ڪو جواز ناهي،تيل اگهن ۾ واڌ مجبوري ۾ ڪئي: وزيراعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم محمد شهبازشريف هڪ دفعو ٻيهر واضح ڪيو آهي ته جنگ ڪنهن مسئلي جو حل نه آهي ڳالهين سان ئي اڳتي وڌي سگهجي ٿو سياسي سببن جي ڪري ٻڏتر جو شڪار رهياسين هاڻي ماضي جي غلطين مان سبق سکي اسان کي اڳيان وڌڻوپوندو، ڪرپشن ترقي ۾ وڏي رنڊڪ بڻي نيب ماڻهن کي سياسي انتقام جو نشانو بڻائيندو رهيو، ريڪوڊڪ رٿا وڏي اهميت واري آهي پاڪستان ۾ 6 ٽريلين ڊالر جا معدني ذخيرا موجود آهن 75 سالن ۾ اسان پنهنجي قيمتي دولت تي ڌيان نه ڏنو. ايس آئي ايف سي پاڪستان جي ترقي جو بهترين ماڊل آهي پنهنجا وسيلا عوامي ڀلائي ۽ ترقي تي خرچ ڪرڻا پوندا اڱاري تي هن پاڪستان منرل سمٽ (ڊسٽ ٽو ڊيولپمينٽ) جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي وزيراعطم چيو تها سان لاءِ اڄ هڪ خص ڏينهن آهي هتي مختلف زندگي جي شعبن سان تعلق رکندڙ سيڙپڪار ۽ ٻيا ماڻهو موجود آهن هن چيو ته رڪوڊڪ رٿا ملڪي تاريخ ۾ خاص اهميت رکندڙ آهي وزيراعطم چيو ته پاڪستان اسٽيل مل 70 جي ڏهاڪي ۾ روس جي ڀائيواري سان تعمير ڪئي وئي ۽ ان جو سمورو ڪچو مال ٻاهران گهرايو پئي ويو هن چيو ته ڪالاباغ ۾ لوهه جي ذخيرن تائين پهچ حاصل ڪئي وئي جڏهن ته انهن کي وساريو ويو انکي اڄوڪي دور جي ٽيڪنالوجي جي ذريعي هن اسٽيل مل جي ڪچي مال لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو هن چيو ته رڪوڊڪ ۾ پاڪستان تي 10 ارب ڊالر ڏنڊ ڪيو ويو جيڪڏهن هي ڏنڊ اسان ڀريون ها ته اسان جو سمورو ناڻو ان تي خرچ ٿي وڃي ها هن چيو ته ٿر ۾ دنيا ۾ ڪوئلي جا سڀ کان وڏا ذخيرا موجود آهن هن چيو ته اڄ ٿر جي ڪوئلي مان شروع ٿيندڙ منصوبي مان اسان فائدو وٺي رهيا آهيون مختلف ڪارٽل، سياسي ۽ ٻين سببن جي ڪري اسان ماضي ۾ انهن وسيلن مان فائدو نه ڪري سگهياسين هن چيو ته چنيوٽ ۾ لوهه جا وسيع ذخيرا موجودآهن هن چيو ته بدقسمتي سان بدعنواني جي ڪارروائين جي ڪري اسان پنهنجي وسيلن مان فائدو نه وٺي سگهياسين معدنيات جو ٺيڪو واڪ بنا ڪنهن کي ڏنو ويو جن جو هن شعبي ۾ تجربو نه هو هن چيو ته ماضي جي غلطين مان سبق سکي اسانک ي اڳتي وڌڻو آهي پاڪستان جي غريب عوام جا وسيلا لٽڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي هن چيو ته هي معاملو سپريم، ڪورٽ تائين به ويو ان وقت نيب ملڪ جي دولت لٽيندرن جي خلاف ڪائي ڪارروائي نه ڪئي وزيراعظم چيو ته پاڻ کان سواءِ اسان ڪنهن تي الزام نٿا ڏئيس گهون اسان وسيلا وقت ۽ توانائي ضايع ڪئي ڪرپشن به هن شعبي جي ترقي ۾ وڏي رنڊڪ بڻيل هئي هن چيو ته جيڪڏهن اسان اڄ فيصلو ڪريون ته پريزيٽينشن ۾ جيڪو ڪجهه اسان کي ٻڌايو ويو ان تي عمل ڪنداسين ته مهيني تائين سخت ڪوشش سان پنهنجا حدف حاصل ڪري سگهون ٿا. وزيراعظم چيو ته ان جي حڪومت جو مدو هلندڙ مهيني جي وچ تائين ختم ٿي رهيو اهي چين سان سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيا آهيون آمريڪا سان اسان جا گڏيل اعتماد ۽ احترام تي ٻڌل لاڳاپا رهيا  آهن اهڙِ طرح ٻين ملڪن سان سٺا لاڳاپا آهن اسان پنهنجي پاڙيسرين سميت ڪنهن جي به خلاف نه آهيون هن چيو ته انهن سان ڳالهه ٻولهه به تيار آهيون پر شرط اهو آهي ته اهي به سنجيده هجن هن چيو ته جنگ ڪنهن مئسلي جو حل نه آهي هن چيو ته تڪرارن جي پرامن حل تي يقين رکون ٿا ڳالهاين سان ئي اڳتي وڌي سگهجي ٿو پاڪستان ايٽمي قوت آهي غربت بيروزگاري صحت تعليم ۽ عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. سمٽ جي افتتاهي سيشن ۾ وزيراعظم محمد شهبازشريف خاص مهمان جي حيثيت سان جڏهن ته آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير گيسٽ آف آنر طور شرڪت ڪئي. ٻئي طرف وزيراعظم انٽرويو ۾ ڳالهائيندي چيو ته چونڊون نئين آدمشماري تحت ٿينديون،دير جو ڪو جواز ناهي،تيل اگهن ۾ واڌ مجبوري ۾ ڪئي، ٻن ٽن مهينن ۾ کوڙ ڀيرا تيل اگهن ۾ واڌ ٿي،صرف ٻه ڀيرا اگهه وڌايا ويا.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button