بريڪنگ نيوزسنڌ

حيدرآباد سميت مختلف شهرن ۾ اقليتي ڏهاڙي جي حوالي سان ريليون ڪڍيون ويون

حيدرآباد (نمائندن وٽان) حيدرآباد  سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اقليتن جي قومي اقليتي ڏهاڙي جي مناسبت سان هندو برادري ۽ مسيحي اتحاد ڪائونسل پاڪستان، پاڪستان مينارٽي رائيٽس ڪميشن ۽ سماجي اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ مختلف ريليون ڪڍيون ويون. سڄي ملڪ جيان حيدرآباد ۾ به اقليتن جي قومي اقليتي ڏھاڙي جي مناسبت سان ھندو برادري سان گڏ مسيحي اتحاد ڪائونسل آف پاڪستان پاران مختلف ريليون ڪڍيون ويون مک ريلي جي اڳواڻي اتحاد ڪائونسل جي چيئرمين اندياس برڪت ڪري رھيو ھو ، ريلي شھر جي مختلف ھنڌن تان ٿيندي پريس ڪلب حيدرآباد پھتي، ريلي عورتن، مردن سان گڏ ٻارن جو وڏو انگ شريڪ ھو، سندن ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر ھئا جن تي اقليتن جي حقن جا نعرا درج ٿيل ھئا،جڏھن ته سندن ھٿن ۾  صليب  کنيل ھئا، ان موقعي تي اڳواڻن اقليتي ڏھاڙي تي انساني حقن جي تنظيم ايڇ آر سي پي  حيدرآباد ريجن جي ڪوآرڊينيٽر غفرانہ آرائين، اسٽنٽ ڪوآرڊينيٽر افشان يڪجھتي لاءِ ريلي ۾ شريڪ ٿيون، ان کان علاوه عارف مسيح گل،ايڊوڪيٽ سليميوسف سھوترا، ايڊو ڪيٽ سنيل شتروگھن، ايڏو ڪيٽ صوبه ڀٽ، شير رانا پرديپ، عامر ۽ ٻياشريڪ ھئا اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اڄ اقليتن جو ڏھاڙو ڪري سڄي ملڪ ۾ ملھايو پيو وڃي اھڙي موقعي تي سمورين اقليتي برادرين کي مبارڪون ٿاڏيون، اڄ  11 آگسٽ تي اقليتي برادرين قائد اعظم محمد علي جناح سان ملاقات ڪري پاڪستان جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو ھو ۽ عملي طور تي اقليتي قوم اڄ پاڪستاني ڀائرن سان گڏ بيٺل آھي ، ھنن چيو ته ملڪ ۾ اقليتن سان ناانصافيون به ڪيون پيون وڃن، سندن نياڻين کي زوري اغوا ڪري مذھب مٽرائي شاديون ڪيون وڃن ٿيون ، پر انصاف ڏيندڙ ادارا خاموش آھن ،  ھنن چيو ته رياست جي پوري ذميواري آهي ته اقليتن جي جان مال جو مڪمل تحفظ فراهم ڪري. اسان جي بزرگن پاڪستان لاءِ قربانيون ڏنيون اسان به پنھنجي وطن لاءِ ايندڙ ڏکئي وقت ۾قربان ٿيڻ لاءِ تيار آھيون نواب شاهه، کپرو، ميرپورخاص سميت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ريليون ڪڍي اقليتي برادري سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button