بريڪنگ نيوزسنڌ

عمرڪوٽ ۾ حر جماعت ۽ پاڪستان فنڪشنل مسلم ليگ پاران جشن آزادي جي تقريب 76 پائونڊ جوڪيڪ ڪاٽيو ويو

عمرڪوٽ (ولي مھر) سموري ملڪ جيان عمرڪوٽ ۾ حر جماعت ۽  فنڪشنل مسلم ليگ پاران  جشن آزادي جي موقعي تي پير سائين پاڳاري جي بنگلي روحل واءِ تي پرچم ڪشائي ڪري 76 پائونڊ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو ملڪ جي سالميت، ترقي  خوشحالي سرحدن جي حفاظت ۽ پاڪ فوج لاءِ دعائون گهريون ويون. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پاڪستان لاءِ اسان جي وڏڙن تمام گھڻيون قربانيون ڏنيون آهن. پاگارا خاندان توڙي حر جماعت ھميشھ پاڪستان جي دفاع لاءِ اگين مورچن تي رھي آھي.جڏهن به پاڪستان کي اسان جي ضرورت پئي ته اسان پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي ملڪ جي حفاظت لاءِ هر وقت حاضر آهيون ان موقعي تي فقير غلام قادر مڱريو، ڊاڪٽر فاروق عبدالله مڱريو، فقير غلام محمد مھر، فقير حاجي محمد سليم مھر، فقير لياقت جوڻيجو، عبدالغفار ناگوري، عارف خان مھر، فقير عبدالحڪيم جوڻيجو، فقير ولي محمد مھر، محمد سبحان مھر،  حافظ مھراڻ غلام مصطفيٰ مهر، ايم ايس ايف جي ضلع صدر فقير محب مڱريو زاھد مڱريو  رياض رحمت الله مڱريو فقير رجب ساند حر نوجوان فورم جي صدر محمد اسحاق مڱريو ايڊووڪيٽ علي حسن مڱريو ايم ڪي اسلم مھر خليفو يار محمد مھر مشتاق مھر  ڪنڊو خان مھر

۽ ٻين شرڪت ڪئي.پاڪستان زندھ آباد  پاڪ فوج زندهه آباد مجاھد فورس زندهه آباد ڀيڄ پاڳارا جي نعرن سان تقريب پڄاڻي تي پهتي.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button