بريڪنگ نيوزسنڌ

شهدادپور لڳ ڳوٺ ڀاڄي موري ۾ ڦٽيون چورائڻ تان سنجراڻي ۽ لنڊ برادري ۾ جهيڙو 20 ڄڻا زخمي

شھدادپور(رپورٽ پانڌي خان رند) شھدادپور لڳ ڳوٺ  ڀاڄي موري ۾ ڦٽيون چوري چونڊي کڻي وڃڻ  تان سنجراڻي برادري  ۽ لنڊبرادري ۾  جھيڙو فائرنگ ۾ گوليون لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب سنجراڻي برادري جي 17 ڄڻن ۽ لنڊ برادري جي 3 ڄڻن  سميت  20 ڄڻا زخمي. سمس اسپتال منتقل  4 چڻن جي حالت نازڪ حيدرآباد منتقل علائقي اندر خوف ۽ حراس وڌيڪ جھيڙي ٿيڻ جو امڪان  واقعي واري ھنڌ پوليس رواني شھدادپور لڳ ٻرھون واري علائقي ڳوٺ  ڀاڄي موري ۾ ڦٽيون چوريءِ چونڊي کڻي وڃڻ  تان سنجراڻي برادري  ۽  لنڊبرادري ۾  جھيڙو ٿي ويو جھيڙي ۾  فائرنگ دوران گوليون   لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب سنجراڻي برادري جا محرم  عالم پنھل شفيع محمد  امان اللہ  اڪرم دائود  بلاول  غلام مصطفيٰ سنجراڻي گل بھار اوڏ  سميت 17 ڄڻا زخمي ٿي پيا ۽ لنڊ برادري جا ٽي ڄڻا   غلام نبي غلام رسول ۽ سڪندر لنڊ زخمي ٿي  پيا سمورن زخمين کي سمس اسپتال شھدادپور  منتقل ڪيو ويو جتان  سنجراڻي برادري جي   4 چڻن جي حالت نازڪ ھئڻ ڪري حيدرآباد منتقل ڪيو ويو جھيڙي سبب  علائقي اندر خوف  ۽ ھراس ڇانئجي ويو ۽ ٻنھي ڌرين ۾ وڌيڪ جھيڙي ٿيڻ جو امڪان ظاھر ڪيو پيو وڃي اھڙي اطلاع  تي  واقعي واري ھنڌ ڏانھن  پوليس رواني ٿي وئي آھي سنجراڻي برادري جي زميندار حسين علي سنجراڻي ٻڌايو تہ منھنجي زمين ۾ پوکيل ڦٽين جي فصل مان ڦٽيون  ڇوريء چونڊي کڻي وڃڻ تان لنڊ برادري جي مردن ۽ عورتن کي ڏٺو سين منع ڪرڻ تان لنڊ برادري سڌي فائرنگ ڪري گوليون  لٺيون ڪھاڙيون ھڻي منھنجن مزدورن ۽ ھارين کي زخمي ڪيو آھي  ھڪ چوري ٻي سينا زوري ڪري لنڊ برادري تر تپائي ڇڏيو آھي.

 

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button