بريڪنگ نيوزسنڌ

جمعيت علماءِ سڪندريه پاڪستان ضلعي حيدرآباد جو اجلاس ٿي گذريو

حيدرآباد (پ ر)گذريل ڏينهن جامع مسجد راڻي باغ قاسم آباد ۾ علامه مفتي رجب علي سڪندري جي ميزباني ۾ جمعيت علماءِ سڪندريه پاڪستان ضلعي حيدرآباد جو اجلاس ٿي گذريو جنھن جي صدارت پروفيسر ڊاڪٽر مفتي محمد صاحبداد سڪندري ڪئي، اجلاس ۾ علامه حافظ محمد مريد مڱريو، مرڪزي نائب صدر، ضلعي حيدرآباد جي صدر مفتي غلام مرتضيٰ سڪندري، ضلعي مٺي جي صدر علامه ولي محمد راھمون سڪندري، علامه مفتي احمد رضا سڪندري، علامه مفتي محمد عاقب سڪندري، علامه محمد علي سڪندري، علامه امام الدين سڪندري، علامه حافظ عبدالحي سڪندري، علامه غلام محمد سڪندري، حافظ محمد صديق سڪندري، قاري عبدالعزيز سڪندري، حافظ رفيق احمد سڪندري، حافظ حبيب الله سڪندري، حافظ خير محمد سڪندري، حافظ محمد اسماعيل سڪندري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس جو آغاز قرآن پاڪ جي تلاوت سان علامه حافظ محمد مريد سڪندري ڪيو، نعت شريف قاري عبدالعزيز سڪندري ۽ منقبت علامه ولي محمد راھمون سڪندري پيش ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪئي، ان کانپوءِ صفر المظفر ۾ پير سيد شاھ مردان شاھ ثاني رحمت الله عليه جي عرس جي تقريب جي سلسلي ۾ ويچاريو ويو ته جمعيت علماءِ سڪندريه ضلعي حيدرآباد جي طرفان ھر سال جنوري جي مھيني ۾ شايان شان طريقي سان عرس مبارڪ جي تقريب منعقد ٿيندي آھي جنھن ۾ پوري سنڌ مان عالم سڳورا ۽ جماعت سڳوري شامل ٿيندي آھي. ان کان علاوه ربيع الاول ۾ ميلاد شريف جي محفلن جي ترتيب ۽ ان ۾ سڀني سڪندرين جي شرڪت کي يقيني بنائڻ تي به ويچاريو ويو ۽ اجلاس ۾ ان تي زور ڏنو ويو سڪندري عالم ۽ حافظ سڳورا ميلادالنبي صه محفلن ۾ شرڪت ڪري اتفاق ۽ اتحاد جو مظاھرو ڪن. ميلاد النبي صه جي جلوس بابت پڻ مشورا پيش ڪيا ويا ته جمعيت علماءِ سڪندريه ضلعي حيدرآباد پليٽ فارم تان ھر سال قاسم آباد حيدرآباد ۾ ميلاد النبي صه جو جلوس ڪڍيو ويندو ھن سال به انشاءَ الله ڪوشش ڪئي ويندي اڳ کان به بھتر ۽ منظم ڪڍيو ويندو، ان کان علاوه پروفيسر ڊاڪٽر مفتي محمد صاحبداد سڪندري اھو به مشورو ڏنو ته اسان سڪندرين جو وڏو تعداد آھي حيدرآباد ۾ ان ڪري ھن سال ٻارنھن ربيع الاول شريف ۾ حيدرآباد شھر ۾ اھل سنت جا مختلف جلوس تلڪ چاڙي، لجپت روڊ، ڇوٽي گھٽي کان ڪوهه نور چوڪ تائين ڪڍيا ويندا ھوندا آھن جيڪر اتي جمعيت علماءِ سڪندريه جو ھڪ استقباليه ڪئمپ لڳايو وڃي اسان شھر حيدرآباد ۾ نمايان ٿينداسين، ماھنامه الراشد جي سلسلي ۾ ضلعي صدر شرڪاءَ تي زور ڏنو ته الراشد اسان جي جمعيت ۽ درگاھ شريف جو نمائنده ماھوار رسالو آھي اسان کي ان جي خريداري ۾ دلچسپي وٺڻ گھرجي جيڪڏھن خريد ڪيون ٿا ان جي خريدارن ۾ اضافو ڪيون. ان سان گڏوگڏ جيڪي عالم سڳورا تحرير سان دلچسپي رکن ٿا اھي پنھنجون تحريرون الراشد ۾ ڇپڻ لاءِ ضرور موڪلن، آخر ۾ اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا جن جي صحت ڪاملا، جماعت ۽ درگاھ شريف، افواج پاڪستان ۽ ملڪ لاءِ دعا گھري وئي.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button