بريڪنگ نيوزقومي

پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس چونڊون 90 ڏينهن اندر ڪرائڻ جو مطالبو

ڪراچي (بيورو )  پاڪستان پيپلزپارٽي پارليمينٽرينز جي صدر آصف علي زرداري ۽ پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس جمعي تي بلاول هائوس ڪراچي ۾ ٿيو سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي آصف علي زرداري بلاول ڀٽو جي اڳواڻي تي ڀرپور اعتماد ظاهر ڪيو آهي اجلاس ۾ عورتن جي شعبي جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر، سيد يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، نئر بخاري، فرحت الله بابر، شيرين رحمان، شازيه مري، فيصل ڪريم ڪنڊي، سيد قائم علي شاهه، مخدوم احمد محمود، نثار احمد کهڙو، چنگيز خان جمالي، امجد ايڊووڪيٽ لطيف اڪبر اسلم گل، رضا رباني، سيد خورشيد شاهه، قمر زمان ڪائره اعتزاز احسن، محمد علي شاهه باچا، چوڌري منظور، مراد علي شاهه، سردار يعقوب، تاج حيدر، چوڌري ياسين، همايون خان، مولابخش چانڊيو، جميل سومرو، هريرام، سليم مانڊوي والا، مخدوم جميل الزمان، ميرباز کيتران، حسن مرتضيٰ منظور وساڻ، اعجاز جکراڻي، روزي خان ڪاڪڙ، صابر بلوچ، نواب يوسف ٽالپر، رخسانه زبيري، ثمينه خالد گرڪي، سعيد غني، قادر پٽيل، نويد قمر، صادق عمراڻي، غلام فريد ڪاٺيا، عبداللطيف انصاري، ڄام مهتاب ڏهر، شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه، علي مدد جتڪ ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال ۽ پنجاب ۾ ٻوڏ جي تباهين تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي اجلاس ۾ پنجاب ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو.  پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪاميٽي جو چوڻ آهي ته 90 ڏينهن ۾ اليڪشن ٿيڻ بابت آئين واضح آهي، اليڪشن 90 ڏينهن ۾ ٿيڻ ۾ ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي ۽ چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن. ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس بعد شيري رحمان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اجلاس ۾ عوام کي ڏکيائين مان ڪڍڻ واري پاليسي تي غور ڪيو ويو. شيري رحمان چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر سان 29 آگسٽ تي ملاقات ٿيندي، جنهن ۾ اسان پنهنجي موقف کان کين آگاهه ڪنداسين، اسان جو موقف آهي ته ڊجيٽل آدمشماري تڪراري هئي، سي سي آءِ ۾ چيو ويو هو ته چونڊن ۾ دير نه ٿيندي، تڪبندين کي سبب بڻائي چونڊن ۾ دير نٿي ڪري سگهجي، تڪبندين ۾ سيٽن ۾ واڌ نه ٿيڻي هئي. وڏي وزير مراد علي شاهه پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان جو مقصد آهي ته چونڊون وقت تي ٿين، وقت تي چونڊن لاءِ آدمشماري کي منظور ڪيو، آدمشماري سان قومي اسيمبلي جي سيٽن ۾ تبديلي نه ايندي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button