بريڪنگ نيوزسنڌ

دادو ۾ عوامي سوشل فورم جو ڪرپشن ۽ مهانگائي خلاف احتجاج

دادو (ڊ ر) عوامي سوشل فورم ضلعي دادو پاران دادو ضلعي اندر ڪرپشن ۽ مهانگائي خلاف هٿن ۾ بينر کڻي دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد دادو شهر جي مک ڪچهري روڊ تي 3 ڪلاڪ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري سرڪاري کاتن ۾ ڪرپشن ڪندڙ ۽ مهانگائي ڪندڙ مافيه خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن مجيب پنهور، سيد غفور شاھ، عاشق خاصخيلي، سڪندر پنهور، رضوان ميمڻ، محبوب سومرو ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته دادو ضلعي اندر 17 سالن ۾ ڪرپشن جا انوکا داستان آهن، شهر جي روڊ رستن لاءِ اربين روپيا ڪاغذي ڪارروائي ۾ هڙپ ڪيا ويا آهن جنهن جا ثبوت پڻ جاچ ڪندڙ ادارن وٽ موجود آهن، دادو پبلڪ هيلٿ ۾ صرف 6 مهينن ۾ 20 ڪروڙ 11 لک ڪوڙن بلن جي مد ۾ ڪڍرائي ڪرپشن ڪئي وئي آهي، جڏهن ته شهر سميت پوري ضلعي اندر آر او پلانٽ، واٽر سپلائي اسڪيمون، ڊرينيج اسڪيمن تي سريعام ڪرپشن ڪئي وئي آهي، جڏهن ته روڊس کاتي ۾ صرف 20 ارب روپيا ڪجھه مهينن ۾ گم ٿيا آهن، انجنيئرن ٺيڪدارن، ايجنٽ ۽ اڳوڻن ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جي ملي ڀڳت سبب قومي خزاني کي ماهوار اربين روپين جو نقصان رسايو آهي پر نيب ۽ ايف آءِ اي اڃا چپ آهي، دادو اينٽي ڪرپشن ان سڄي معاملي ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهي 17 سالن ۾ چپ جو روزو رکيو آهي، ڪنهن به کاتي توڙي فرد کي نه جاچ نوٽيس جاري ٿيو نه وري ڪا جاچ ڪئي آهي،17 سالن ۾ دادو ضلعي اندر ترقياتي ڪمن تي کربين روپيا ڪرپشن جي ور چڙهي ويا آهن، هنن چيو ته گورک هل اسيٽيشن، گاج ڊيم، روڊس، ايريگيشن، بندن جي مرمت، صحت، ايجوڪيشن ورڪس، هاءِ ويز، پبلڪ هيلٿ، بلڊنگس، ميونسپل ڪاميٽيز، ضلعي ڪائونسل سميت ٻين کاتن ۾ 17لک آبادي جي فلاح ۽ بهبود، روڊ رستن، تعليم،صحت، صفائي جي نالي تي 5 کربن کان وڌيڪ رقم آئي جيڪا صرف رڪارڊ ۾ ڏيکاريل آهي، دادو جا سمورا ڳتيل آبادي وارا علائقا بنيادي سهولتن کان 17 سالن کان محروم آهن اڳوڻن ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز ۽ ڊي سيز ملي ڀڳت ڪري ڪرپشن جي بازار گرم ڪري ضلعي جي بجيٽ لٽي آهي جنهن ڪري اڄ سڄو ضلعو کنڊرات جو منظر ڏئي رهيو آهي، هنن چيو ته جيڪو آفيسر دادو مقرر ٿئي ٿو ته ڪجھه مهينن ۾ ڪروڙ پتي ۽ وري دبئي ۽ ٻين ملڪن ۾ اربين روپين جي ملڪيت ٺاهي ٿو، دادو خزاني آفيس مان ٻوڏ دوران ڪوڙن بلن جي نالن تي اربين روپيا ھڙپ ڪيا ويا آهن جن بلن جو هاڻ رڪارڊ به موجود نه آهي، هنن چيو ته هاڻ نيب ڪيس داخل ڪري سندس کي پڪڙي سندن ملڪيتون ضبط ڪري قومي خزاني ۾ جمع ڪري سندس جي خاندان کي بليڪ لسٽ ڪري ڇڏي ته جيئن سندس جي خاندان جو فرد ڪنهن به عهدي نه اچي سگهي،دادو ضلعي اندر ميگا ڪرپشن جا رڪارڊ موجود آهن ايريگيشن پارڪ تي ڪروڙين روپين جي صرف مٽي ڏيکاري وئي آهي، شهر کي پاڻي مهيا ڪرڻ جي نالي هر 6 مهيني ساڳئي اسڪيم آڻي وري قومي خزاني مان ڪروڙين روپيا  هڙپ ٿين پيا، روڊس، هاءِ ويز، پبلڪ هيلٿ، صحت، ايريگيشن سيمت ٻين کاتن جي 11 اسڪيل ۽ 16اسڪيل جي ملازم وٽ بنگلا ۽ مهانگيون ڪارون ڪٿان آيون جڏهن ته انجنيئر، ايس ڊي او وٽ هڪ هڪ ڪروڙ جون 2 گاڏيون آهن جڏهن ته سندس جي پگهار هڪ لک مس هوندي، هنن جي عياشين سبب ملڪ جو عوام ٽيڪس هيٺ اچي ويو آهي نگران حڪومت سڄو وزن 24 ڪروڙ عوام تي رکيو آهي جنهن ڪري عوام خودڪشيون ڪرڻ جي ڪناري تي پهتل آهي، مظاهرين سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، آرمي چيف، نيب ۽ ايف آءِ اي کان مطالبو ڪيو ته ملڪ اندر ڪرپشن ڪندڙن خلاف رد فصاد جهڙو آپريشن شروع ڪري قومي خزاني کي ڌاڙو هڻندڙ کان رقم واپس ڪري قومي خزاني ۾ جمع ڪرائي ملڪ جي 24 ڪروڙ عوام سان انصاف ڪيو وڃي.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button