بريڪنگ نيوزسنڌ

ڪنڌڪوٽ ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ هندو پنچائت جي سڏ تي چوٿين ڏينهن به ڌرڻو، يڪجهتي لاءِ ٻين شهرن ۾ به ڌرڻا ۽ مظاهرا

حيدرآباد (نمائندن وٽان) نينگر جئي ديپ ڪمار، مکي جگديش ڪمار، ڊاڪٽر منير نائچ، ساگر ڪمار، پريا ڪماري ۽ ٻين جي اغوا خلاف هندو پنچائت جي سڏ تي سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان دنگ تي چوٿين ڏينهن به ڌرڻو جاري آهي، ٽنهي صوبن ڏانهن ٽريفڪ جي اچ وڃ معطل آهي مظاهرين ڳالهين لاءِ پهتل ايس ايس پي امجد شيخ کي موٽائي ڇڏيو، ايس ايس پي امجد شيخ 24 ڪلاڪن جي مهلت گهرندي ڌرڻو ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي، ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙن احتجاج ختم ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو ايس ايس پي امجد شيخ پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري سان گڏ ٻيهر ڌرڻي ۾ پهتو، 24 ڪلاڪن جي مهلت ڏيڻ ۽ روڊ کولڻ جي اپيل ڪئي ڌرڻي ۾ موجود دوست محمد مزاري ۽ اڳوڻي وفاقي وزير احسان مزاري پاران به ڌرڻو ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي  پر هندو پنچائت جي اڳواڻن ۽ ڌرڻي ۾شامل ٻين ماڻهن ڌرڻو ختم ڪرڻ کان ٻيهر به انڪار ڪري ڇڏيو مغوين جي بازيابيءَ لاءِ ڪنڌڪوٽ شهر ۾ به شٽربند هڙتال آهي،  شهرين مک چوڪ تي چوٿين ڏينهن به ڌرڻو ۽ علامتي بک هڙتال ڪئي، جڏهن ته ڌرڻي ۾ تيغو خان تيغاڻي ۽ ٻين به شرڪت ڪئي آهي بخشاپور، ڪرمپور ۽ بڊاڻي ۾ به بدامني ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ شٽربند هڙتال ڪئي وئي آهي، هندو پنچائت جي اڳواڻن ۽ سياسي سماجي تنظيمن جو چوڻ آهي ته مغوين جي بازيابيءَ تائين احتجاجي تحريڪ جاري رهندي، تيغو خان تيغاڻي ۽ ٻين ڪچي ۾ فوجي آپريشن جو مطالبو ڪري ڇڏيو. جڏهن ته حيدرآباد، خيرپور، سڪرنڊ، سجاول سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ به هندو پنچائت سان يڪجهتي لاءِ ڌرڻا هڻي مظاهرا ڪيا ويا

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button