بريڪنگ نيوزسنڌ

جي ڊي اي عمران خواجا کي ڊي سي سانگهڙ مقرر ڪرڻ تي اعتراض واري ڇڏيو

سانگھڙ (ت ر) جي ڊي اي سانگھڙ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر جي لاءِ ڊاڪٽر عمران خواجه جي  مقرري تي اعتراض واري  ڇڏيو، ڊاڪٽر عمران خواجه بلدياتي اليڪشن جي تڪبندين ۾ اسان کي نقصان ڏنو ھو، دستگير راڄڙ، نگران حڪومت پاران آفيسرن جي بدلين جا پرپوزل منظر تي اچڻ ۽ مقررين ٿيڻ کانپوءِ ضلعي سانگھڙ لاءِ ڊاڪٽر  عمران  خواجه جي ڊپٽي ڪمشنر جي مقرري تي اعتراض واريندي فنڪشنل مسلم ليگ جي ضلعي صدر دستگير راڄڙ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته مون جي ڊي جي مرڪزي اڳواڻن سردار رحيم ۽ ٻين کي آگاھ ڪيو آھي اسان کي اھڙن آفيسرن تي سخت تحفظات آھن،  جيڪڏھن اھڙن آفيسرن جي مقرري ڪرڻي آھي ته پوءِ اليڪشن نه ڪرايون وڃن، سليڪشن ڪرايون وڃن، ھي پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جا ذاتي ملازم ٿي ڪم  ڪندا آھن، بلدياتي اليڪشن جي تڪبندين دوران ڊاڪٽر عمران خواجه اسان کي وڏو نقصان ڏنو ھو، اسان جي ووٽرن کي پريشان ڪيو ھو، ھن چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن کان گھر ٿا ڪيون ته اڻ ڌريا آفيسر مقرر ڪرايا وڃن، اليڪشن جي ماحول کان اڳ ئي پري پول ڌانڌلي ڪئي پئي وڃي، ھن چيو ته اسيمبلين جو مدو پورو ٿيڻ جي باوجود نگران حڪومت ته ڪٿي نظر نه پئي اچي، ھن وقت به  حڪومت پيپلز پارٽي جي ئي نظر اچي رھي آھي، جيڪڏھن اھڙن آفيسرن کي نه ھٽايو ويو ته اسان عوامي رابطا مھم ھلائينداسين، سرڪاري ڪمن ڪارين ۾ پ پ اڳواڻ آفيسن ۾ ويٺا آھن، اھو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ھن وقت به پيپلز پارٽي جي ئي حڪومت آھي.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button