بريڪنگ نيوزسنڌ

18هين رهبر روضي ڌڻي ڪانفرنس، بزرگن جو فيض قيامت تائين جاري رھندو: مفتي دوست علي سڪندري

پير جو ڳوٺ (خلجي وٽان) ھر سال جيان ھن سال به رھبر روزي ڌڻي رحه ڪميٽيءَ طرفان پير جو ڳوٺ ۾ رھبر روزي ڌڻي رحمت الله عليه ۽ حضرت سيد شاهه مردان شاهه ڇٽ ڌڻي رحمت الله عليه جي ياد ۾ 18ھين رھبر روزي ڌڻي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ ناليوارن عالمن سڳورن خانقاھ راشديه جي باني حضرت سيد محمد راشد روضي ڌڻي رحمت الله عليه جي دين اسلام جي سربلنديءَ لاءِ ڪيل خدمتن کي ساراهيو ويو. خطاب ڪندي جامعه راشديه پير جو ڳوٺ جي مھتمم مفتي دوست علي سڪندري، مفتي ڊاڪٽر حق نبي سڪندري الازھري، مفتي محمد عارف قادري، مفتي غلام شبير سڪندري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته روزي ڌڻي رحمت الله عليه جن جي دين اسلام جي سربلنديءَ لاءِ ڪيل خدمتن سان خانقاھ راشديه عاليه قادريه جو سلسلو جاري و ساري آھي. ھنن چيو ته اسان خوشنصيب آھيون جو الله جي ڪامل ولي جيڪو ڄمندي ڄام ھو انھيءَ ھستي جا پيروڪار آھيون، ھنن چيو ته حضرت شاھ مردان شاھ ڇٽ ڌڻي رحمت الله عليه انھيءَ سلسلي کي برقرار رکندي جامعه راشديه کي وڌيڪ مضبوط بڻايو. الحمدلله اڄ پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جامعه راشديه جون شاخون قائم آھن ۽ جامعه راشديه مان فارغ التحصيل ٿيندڙ سڪندري عالم سڳورا الله جي ڪامل ولي ۽ نبي ڪريم حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جي پياري روزي ڌڻي رحمت الله عليه جي ڏسيل راھ جا پيروڪار بڻجي دين اسلام جون خدمتون سرانجام ڏيئي رھيا آھن. اعليٰ پيرسائين پاڳارا جن به پنھنجي وڏڙن جي روايتن کي قائم رکندي ديني تعليم کي فروغ ڏيڻ لاءِ اڳڀرا آھن،  انشاءُ الله روزي ڌڻي رحمت الله عليه جو فيض ڏينھن قيامت تائين جاري ساري رھندو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button