بريڪنگ نيوزسنڌ

دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ٽيڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي

دادو(رپورٽ:  علي گل چنا)ام رباب چانڊيو جي پيءُ سميت 3 گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي گذري، ڪيس جي ٻڌڻي دوران ام رباب چانڊيو ڪيس جي فريادي پرويز چانڊيو ۽ ڪيس جي شاهد سان گڏ ڪورٽ پهتي،جڏهن ته ڪيس ۾ گرفتار ٿيل جوابدارن کي حيدرآباد ڪورٽ کان دادو عدالت آندو ويو،جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد جوابدار سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو عدالت پهتا،ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪيس جي شاهد اعجاز چانڊيو کان سردار احمد چانڊيو جي وڪيل اطهر عباس پاران آڏي پڇا ڪئي جيڪا مسلسل 2 ڪلاڪ جاري رهي،جنهن بعد دادو ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج ڪيس جي ٻڌڻي 13 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي،عدالت ٻاهريان ام رباب چانڊيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته دادو ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ 3 يا 6 مهينن اندر ڪيس اڪلايو ويندو آهي پر اسان جي ڪيس کي ڪافي ٽائيم لڳي ويو آهي،سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ تڪڙو ڪيس اڪلائڻ جا حڪم ڏيڻ باوجود جوابدارن پاران ڊلي پريڪٽس استعمال ڪرڻ سبب ڪيس کي ڪافي وقت ٿي ويو آهي اسان ڪنٽيم آف ڪورٽ ۾ وينداسين،اسان چاهيون ٿا ته هن ڪورٽ ۾ جلد فيصلو ٻڌايو وڃي،جڏهن ته ڪيس جي ٻڌڻي دوران سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا وڃن.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button