بريڪنگ نيوزسنڌ

سيٺارجا ۾ رهواسين جو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

سيٺارجا(ن م)سيٺارجا ڀرسان ڳوٺ علي بخش لُنڊ جي رهواسين پاران سيٺارجا پوليس جي ناانصافين خلاف احتجاج، نعريبازي، رحم علي لُنڊ، رمضان علي، وريام ، روشن علي، راج علي، حافظ جميل احمد ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيو تہ ٽي ڏينهن اڳ سيٺارجا پوليس ڳوٺ تي چڙهائي ڪري اسان وٽ تعزيت لاءِ آيل مهمان عبدالرشید عرف رشيدو لنڊ کي کنڀي کڻي وئي ۽ رات جو ڪوڙو پوليس مقابلو  ڄاڻي کيس ھاف فرائي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس بااثرن کان رشوت وٺي مخالف ڌر جي ماڻهن سان گڏجي گهرن مٿان چڙهائي ڪري ڀڃ ڊاهھ پڻ ڪئي ۽ چادر ۽ چار ديواري جو تقدس پامال ڪندي ، اسان جو هڪ  انٽر ڪلاس جو شاگرد نوجوان معشوق لُنڊ، ۽ صيف الله لُنڊ کي پڻ کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي خدشو آهي ته انهن کي پڻ پوليس مقابلو ڄاڻائي ماري ڇڏيندا هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پوليس جي ناجائزين جو نوٽيس وٺي انصاف ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ ايس ايس پي خيرپور جي آفيس آڏو احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button