بريڪنگ نيوزسنڌ

حيدرآباد جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو گرلز ڪراٽه ٽيم عالمي مقابلي ۾ حصو وٺندي

حيدرآباد(چيف رپورٽر)حيدرآباد جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو گرلس ٽائيڪونڊ ڇوڪرين جي ڪراٽه ٽيم قطر ۾ ٿيندڙ ٽئين عالمي ڪراٽه مقابلي ۾ پاڪستان جي قومي ڪراٽه ٽيم طور حصو وٺنديون، ان سلسلي ۾ حيدرآباد ڊويزن ٽائيڪوانڊو ايسوسيئيشن جي طرفان نمائندگي ڪندڙ ٽيم جي ڪوچ عالمي ڪواليفائيڊ عبدالرحيم خان، ٽيم مينيجر انٽرنيشنل ريفري ۽ ڪوچ خرم رشيد خان قطر ويندڙ ٽيم جي رانديگرن ۽ رانديگرياڻين سان گڏ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 21 کان 24 آڪٽوبر تائين قطر جي راڄڌاني ۾ ٽيون عالمي ڪراٽه چيمپيئن شپ ٿي رھيو آھي، جنھن ۾ پاڪستان جي ٽيم جي ذميواري حيدرآباد کي ڏني وئي آھي، ملڪي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو حيدرآباد جي ٽيم 19 آڪٽوبر تي دوھا پھچندي ۽ عالمي ڪراٽي جي مقابلي ۾ حصو وٺندي، ھنن چيو ته ٽيم ۾ اڪثريت حيدرآباد ۽ باقي سنڌ جي ٻين شھرن سان تعلق رکندڙ رانديگرن تي ٻڌل آھي، ھنن چيو ته ھن عالمي ڪراٽه مقابلي ۾ دنيا جي 25 ملڪن مان 17 سئو رانديگر حصو وٺي رھيا آھن. اسان پاڪ آرمي ۽ ميئر حيدرآباد ڪاشف شورو جا ٿورائتا آھيون. جن اسان جي ٽيم سان ڀرپور سھڪار ڪيو آھي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button