بريڪنگ نيوزسنڌ

موجوده قومي مسئلن جو حل اتحاد سان ممڪن آهي نفرت ۽ گار جي سياست کي ڇڏڻو پوندو: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (بيورو )پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو  آهي ته  موجوده قومي مسئلن جو حل اتحاد سان ممڪن آهي. نفرت ۽ گار جي سياست کي ڇڏڻو پوندو. اڄ جي پاڪستان لاءِ  نئين سوچ جي ضرورت آهي. هن وقت اسان کي انهي قيادت جي ضرورت آهي. جيڪا ماضي لاءِ نه پر مستقبل لاءِ سوچي، جن آئين ٽوڙيو، قومي سلامتي ۽ ادارن تي حملا ڪيا. انهن کي سزا ملڻ گهرجي. هن شخص  جي واپسي لاءِ اليڪشن کي روڪيو پيو وڃي. اليڪشن ۾ دير ووٽ جي عزت ناهي.16 مهينن جي حڪومت ثابت ڪري ڇڏيو. ملڪ  لنڊن مان نٿو هلائي سگهجي. پپيلزپارٽي اليڪشن لاءِ هر وقت تيار رهي ٿي. هن اها ڳالهه اربع  جي شامل ڪار ساز جي16هين  ورسي جي موقعي تي هڪ اجتماع کي خطاب ڪندي، پاڪستان پيپلز پارٽي پاران ڪارساز جي شهيدن کي خراب عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ تعزيتي اجتماع بلاول  هائوس ڪراچي  جي ٻاهران منعقد ڪيو ويو هو. جنهن پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ۽ عوام  وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. هن اجتماع ۾ 18 آڪٽوبر سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ فلسطينن جي شهيدن سان به ٻڌي جو اظهار ڪيو ويو. اسٽيج تي رضا رباني، مراد علي شاهه، قائم علي شاهه، شيري الرحمان، آغا سراج دراني، سعيد  غني سميت ٻي مرڪزي ۽ صوبائي قيادت موجود هئا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان کي قومي مسئلن جو حل ڪڍڻو آهي ته اتحاد قائم ڪرڻو پوندو. اسان کي  ذوالفقار علي ڀٽو جي فلسفي اسان سڀني پاڪستان جي مطابق هلائڻو پوندو. هن  چيو ته معاشرو ورهائجي چڪو آهي. الزام لڳائڻ ۽ گار گند واري سياست کي ڇڏڻو پوندو. ملڪ تاريخي بحران  مان لنگهي رهيو آهي. پارليمان ۽سياست کي جاءِ ڏيڻي پوندو ۽ وقت تي اليڪشن ئي مسئلي جو حل آهي. بلاول ڀٽو زرداري  چيو ته ملڪ جي معاشي حالت ٺيڪ ناهي. هن وقت نفرت ۽ تقسيم   جي سياست  بدران خدمت جي سياست جي ضروت آهي. ضرورت قانون ۽ آئين  مطابق هلائڻو پوندو. ۽ انا جي سياست کي دفن ڪرڻو پوندو. هن چيوته عوام ملڪ جو مالڪ آهي. عوام وٽ ئي مستقبل جي فيصلن جو حل آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جڏهن اسان معاشري ۾ تقسيم کي مخالفت جي سياست کي ختم ڪري جمهوريت جي سياست بحال ڪنداسين. تڏهن ئي سياسي استحقام پيدا ٿيدو. هن چيوته معاشري ترقي لاءِ سياسي استحڪام سان  معشيت کي عوام جي مفاد کي  هلائڻ جي ضرورت آهي. پيپلز پارٽي هر دور ۾ اهو ثابت ڪيو آهي ته اسان عوام دوست حڪومتون هلايون ٿا. اسان جي هر دور ۾ عام ماڻهو ترقي ڪئي آهي. هن چيو ته اسان  جي هر پاليسي ۾ عوام لاءِ سوچيو وڃي ٿو. شهيد  محترمه بينظِر ڀٽو جو پاڪستان نوجوانن جو پاڪستان هو. بلاول چيو ته تاريخي مهانگائي جو ٽوڙ پيپلز پارٽي جو عوامي راڄ آهي. پيپلزپارٽي مزدورن ۽ نوجوانن جي اميد آهي. هر دور  ۾ ماڻهن کي روزگار ڏياريو. انقلابي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سان ثابت ڪيو  آهي ته پيپلز پارٽِي غريبن جي جماعت آهي. بلاول ڀٽو چيو ته پيپلز پارٽي مفت ۽ معياري  علاج جو ڄار سڄي سنڌ ۾ وڇايو آهي. پيپلزپارٽي جي حڪومت ٿر ڪول  متعارف ڪري روزگار جا موقعا ڏنا، سستي بجلي ڏني.  هن چيوته ٿر ڪول جي مقابلي ۾ ڪنهن ٻي صوبي جو هڪ منصوبو ڏيکاريو، صدر زرداري سي پيڪ جو بنياد رکيو. جيڪي ماڻهو صدر زرداري تي تنقيد ڪندا هئا. اهي اڄ سي پيڪ جو ڪريڊٽ وٺن ٿا. جڏهن ته سچ اهو آهي ته سي پيڪ ويزن صدر زرداري جو ۽ ڪريڊٽ به صدر زرداري جو آهي. هن چيو ته  ايندڙ ڀيري اسان نئون اڪنامڪ  ڪوريڊور شروع ڪنداسين. ۽ پاڪستان جي پٺتي پيل علائقن ۾ سيڙپڪاري آڻينداسين. اسان سبز معاشي انقلاب آڻينداسين. هن چيو ته جديد ترين دوران ۾ پاڪستان کي هلائڻو آهي ته عوام مطابق سوچڻو آهي. روايتي تقسيم  وٺ  پڪڙ جي سياست کي ڇڏڻو پوندو.  بلاول چيو ته جن آئين ٽوڙيو قومي سلامتي ۽ ادارن تي حملو ڪيو انهن کي سزا ملڻ گهرجي. هن چيو ته پراڻي سياست انتها پسندي ۽ انتقام جي سياست کي رد ڪيون ٿا. هن چيو ته قومي مسئلن  جو حل چونڊن ۾ آهي. هن اليڪشن ڪميشن کان گهر ڪئي ته بنا دير چونڊن شيڊول جو اعلان ڪري پيپلزپارٽي اڄ کان پوءِ عوامي رابطه مهم شروع ڪندي، جنهن ۾ مطالبو  هوندو ته چونڊ شيڊول ڏيو. انشاءَالله انهن کي عوام جو مطالبو مڃڻو پوندو. هن چيو ته اسان جا اڳوڻا اتحادي مڃيندا. بلاول چيو ته دير ووٽ جي عزت ناهي. هن چيو ته آئين جمهوريت ڪارساز جي شهيدن  جي ڪري بحال ٿيو. جيت هميشه سچ جي جيالن جي هوندي آهي. پيپلزپارٽي اليڪشن لاءِ تيار آهي.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button