بريڪنگ نيوزسنڌ

ڄام صاحب مين گرلس پرائمري اسڪول جي عمارت جو ڪم اڻپورو، نياڻيون پريشان

ڄام صاحب( ن م ) ڄام صاحب مين گرلس پرائمري اسڪول جي ست سال گذرڻ باوجود عمارت جو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو معصوم نياڻين کي سخت ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.اسڪول ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ ڪو به بندوبست نه ڪيو ويو معصوم نياڻيون پاڻيءَ جي ڍڪ لاءِ پريشان.تعمير ٿيل نئين عمارت جي ڪلاسن ۾ بجليءَ جا پکا وغيره نه لڳايا ويا. ذريعن موجب ٺيڪيدار طرفان ڪرپشن جي ور چڙهي ويا. ٻئي طرف اسڪول ۾ ڀنگي يا پٽيوالو مقرر نه هجڻ ڪري معصوم شاگردياڻين ۽ اسڪول جي ٽيچرز پاران اسڪول ۾ صفائي سٿرائي ڪرائي پئي وڃي.ڄام صاحب جي سياسي سماجي اڳواڻن پاران جاچ جو مطالبو.اسڪول جي شاگردياڻين ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد زاهد حسين رند ڊي اي او پرائمري شھيد بينظيرآباد مسعود احمد سهتو ۽ ٻين اختيارين کان اپيل ڪئي آهي ته اسڪول ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي سهولت مهيا ڪئي وڃي ۽ رولڙي جو شڪار ٿيل عمارت جو ڪم مڪمل ڪرائي ڏنو وڃي صفائي لاءِ عملو مقرر ڪري ڏنو وڃي.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button