بريڪنگ نيوزسنڌ

سيوهڻ ۾ جي ڊي اي جو جلسو، سنڌ اندر اپوزيشن سياست جو فقدان هئڻ سبب عوام مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي: اڳواڻ

سيوھڻ ( بهادر سولنگي) سيوھڻ ۾ ايس يو پي جي ميزباني ھيٺ گرينڊ ڊيموڪريٽ الائينس (جي ڊي اي) پاران عوامي رابطا مھم جي سلسلي ۾ جلسو منعقد، جھاز چوڪ وٽ منعقد جلسي ۾ جي ڊي اي ۽ ايس يو پي جا مرڪزي اڳواڻ صفدر عباسي، سردار عبدالرحيم، سيد زين شاهه سميت ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي جي ڊي اي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري جلسي ۽ پريس ڪانفرس ۾ خطاب ڪندي چيو ته  پيپلز پارٽي 15 سالن جي دور حڪومت ۾ سنڌ اندر وسيلن جي جيڪا لٽ مار ۽ چوري ڪئي آهي ان سان سنڌ کي تباهي کان سواءِ ڪجهه ناھي مليو جنهن کي جي ڊي اي ۾ شامل پارٽيون اليڪشن مھم دوران عوام آڏو نروار ڪنديون، ھن چيو ته 15 سالن جي ٿيل لٽ مار سبب سنڌ ۾ ڪا به ترقي نه ٿي سگهي آهي ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين شھرن جا شھر برباد آهن ھڪ شھر به سلامت ناھي ھر طرف کنڊرات جا منظر آهن، تعليم ختم آهي 19 ھزار اسڪول بند پيل آهن، اسپتالن جو حشر خراب آهي ۽ ٻوڏ متاثرن لاءِ گھر ڪٿي ٺھيا آهن ؟ ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ اندر اپوزيشن سياست جو فقدان آهي ان ڪري عوام مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي، جي ڊي اي 5 جماعتن جو واحد الائينس آهي جيڪا 2018 جي اليڪشن کان ايندڙ ٻي اليڪشن تائين قائم آهي ۽ اسان کي پ پ جي خراب ڪارڪردگي تي سخت تحفظات آهن پر اسان کي سنڌ جي عوام مان اميد آهي ته ھو ايندڙ عام چونڊن ۾ سوچي سمجهي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪندي، جڏهن ته جلسي کي صدارتي مھمان ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ نگران حڪومت جوڙي وئي آھي پر نظام ساڳيو آھي ۽ اسان کي ايندڙ وقت ۾ جيڪو ماحول نظر اچي رھيو آھي ان ۾ آزاد اليڪشن وڙھڻ جو ڪو چانس نظر نٿو اچي پر ان باوجود سنڌ يونائٽيڊ پارٽي ھميشھ سنڌ جي معاملن تي اسٽينڊ آواز بلند ڪندي رھي آھي ۽ ماضي جي پندرهن سالن ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت جيڪو سنڌ کي لٽيو فريو تباھ ۽ برباد ڪري ۽ ورھائڻ جي ڪوشش ڪندي آئي آھي ان لاءِ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي ڊي اي سان گڏجي اليڪشن وڙھندي، جلسي کي  مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل سردار عبدالرحيم چيو ته سنڌ ۾ امن مان جي صورتحال خراب آهي عورتون ۽ معصوم ٻار اغوا ٿيڻ رواج بڻجي ويو آهي، پبلڪ سروس ڪميشن ۾ جعلي رزلٽ ڏنا پيا وڃن جيڪو مستقبل ۾ نوجوانن لاءِ زھر قاتل آهي، ھن چيو ته سنڌ سان محبت ڪندڙ جماعتن کي ھڪ پليٽ فارم تي آڻي عوام جي پ پ مان جان ڇڏائينداسين، اليڪشن صاف شفاف ۽ غير جانبدار ھجڻ گھرجن جيڪڏهن ڪنهن ھڪ ماڻهو يا پارٽي تي ھٿ رکيو ته پوءِ اليڪشن جو ڪو به فائدو ناهي، جڏهن ته ايس يو پي جي ميزباني ھيٺ جلسي کي ايس يو پي ۽ جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻن روشن ٻرڙو، ڪاشف نظاماڻي، عبدالڪريم شيخ، سيد غضنفر علي شاهه، ارشد شر بلوچ، فقير غلام النبي مڱريو، گل پينھار ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button