بريڪنگ نيوزبين الاقوامي

غزا تي اسرائيل جا حملا تيز،وڌيڪ3 سئو کان مٿي فلسطيني شهيد،مجموعي انگ 8 هزار کان وڌي ويو

غزا(م ڊ)غزا تي اسرائيل جا حملا تيز،3 سئو کان مٿي فلسطيني شهيد،مجموعي انگ 8 هزار کان وڌي ويو،غزه تي اسرائيلي وحشياڻي بمباري وڏي تباهي مچائي ڇڏي ۽ اڃا تائين درجنين لاش ڊهي پٽ ٿيل عمارتن جي ملبي هيٺان دٻيل هجڻ جو خدشو،گذريل 24 ڪلاڪن ۾ اسرائيل جي وحشياڻي بمباري ۽ زميني ڪاررواين جي نتيجي ۾ 3 سئو کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا،حماس جي عسڪري ونگ القسام برگيڊز جي ترجمان ابو عبيدا چيو آهي ته اسرائيل جي جارحيت ۽ رتوڇاڻ هولو ڪاسٽ کان وڌيڪ آهي، غزا جا شهري ان جنگ کي فيصلو ڪندڙ مقابلو سمجهن ۽ اسان سان گڏ بيهن. هڪ بيان ۾ القسام برگيڊ جي ترجمان ابو عبيدا چيو ته دشمن روز زميني ڪاررواين جون ڌمڪيون ڏئي رهيا اهن. اسان به انتظار ۾ آهيون ته دشمن کي نئين قسم جي موت جو مزو چکايون، اسان جي ماڻهن کي يقين رکڻ گھرجي ته ڪاميابي ٿيندي. ترجمان دعويٰ ڪئي ته حماس طرفان جوابي ڪارروايون جاري آهن، القسام برگيڊ جي حملي ۾ اسرائيلي فوج جي بڪتربند تباهه ڪئي وئي آهي. هوڏانهن حزب الله جا به اسرائيلي فوجين تي حملاجاري آهن جن ۾ فوجي گاڏيون تباهه ڪرڻ جي وڊيو جاري ڪئي وئي آهي. ٻي پاسي حماس جي سينيئر عهديدار علي براڪه جو چوڻ هو ته اسرائيلي فورسز سڄي رات غزا تي زميني حملا ۽ بمباري ڪئي پر غزا تي اسرائيل فوج جو ٽي طرفو حملو ناڪام ٿي ويو هو. هن چيو ته غزا تي حملي ۾ دهشمن کي فوجين ۽ سامان جي لحاظ سان ڳرو نقصان ٿيو، دشمن ڪيترن ئي محاذن تي فلسطيني مزاحمت جي تيار ڪيل ڄار ۾ ڦاسي پيو آهي. حماس جي عهديدار ٻڌايو ته اسرائيلي حملا ناڪام ڪرڻ لاءِ روسي ٽينڪ شڪن ميزائيل ۽ مقامي طور تي تيار ڪيل ياسين ميزائيل استعمال ڪيا ويا، اسرائيلي فوج هيليڪاپٽرن سان زخمين ۽ لاش کي ڪڍيو. اسرائيلي فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته اتر غزا ۾ گذريل رات داخل ٿيندڙ اسرائيلي فوجي اڃا به موجود آهن، فلسطيني انڪليوو ۾ فوجي ڪارروايون وڌايو آهن،ٻي طرف ترڪ صدر رجب طيب اردگان غزا تي اسرائيل جي وحشياڻي بمباري تي خاموش تماشائي بڻيل اولهه ملڪن جي ٻٽي معيار تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڇا اولهه هڪ ڀيرو وري صليب ۽ هلال جي جنگ چاهي ٿو، جيڪڏهن اولهه اهڙي ڪوشش ڪئي ته ڄاڻي وٺن ته اسان اڃا زندهه آهيون. استنبول ۾ فلسطينين جي حمايت ۾ ڪڍيل وڏي ريلي کي خطاب ڪندي ترڪ صدر رجب طيب اردگان جو چوڻ هو ته اسان سڄي دنيا کي ٻڌائينداسين ته اسرائيل جنگي ڏوهي آهي، اسرائيلي فوج جي ظلمن پٺيان مرڪزي ڏوهاري اولهه جون طاقتون آهن، انهن جي حمايت کانسواءِ اسرائيل ڪجهه نٿو ڪري سگھي. هن اولهه ملڪن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته اوهان يوڪرين ۾ مرندڙن لاءِ ڳوڙها وهائيندا آهيو، پر اوهان غزا جي ٻارن لاءِ آواز ڇو نٿا اٿاريو؟ جيڪڏهن اسان ڪجهه باضمير آوازن کي ڇڏي ڏيون ته غزا ۾ جاري قتل عام مڪمل طور تي اولهه جو ڪم آهي. هن اسرائيل جي اتحادين تي الزام لڳائيندي چيو ته هو صليبي جنگ جو ماحول پيدا ڪري رهيا آهن. ترڪ صدر جو چوڻ هو ته ڇا اولهه هڪ ڀيرو صليت ۽ هلال جي جنگ چاهي ٿو، جيڪڏهن اولهه اهڙي ڪوشش ڪئي ته ڄاڻي وٺي ته هيءَ قوم اڃا مري ناهي، ترڪيه جا ماڻهو اڃا زندهه آهن. رجب طيب اردگان چيو ته 1947ع ۾ فلسطين ڇا هو ۽ اڄ ڇا آهي؟ اسرائيل اتي ڪيئن آيو؟ اسرائيل قابض آهي، جنگي ڏوهاري آهي، غزا ۾ بدترين جارحيت جاري آهي ڪيترا ٻار، پيرسن مرندا ته جنگبندي ڪئي ويندي؟ ٻي پاسي ترڪ صدر جي تقري تي رسرائيلي پرڏيهي وزير مڇرجي پيو ۽ ترڪيه مان پنهنجو سفارتي عملو واپس گھرائي ورتو. اسرائيلي پرڏيهي وزير ايلي ڪوهن جو چوڻ هو ته ترڪيه کان يل سنگين بيانن تي پنهنجي سفارتي عملي کي واپس گھرايو آهي. هن اعلان ڪيو ته اسرائيل ۽ ترڪيه جا لاڳاپن جو نئين سر جائزو وٺنداسين.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button