بريڪنگ نيوزسنڌ

جيڪب آباد ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ 2 ناريون قتل، نوجوان زخمي

جيڪب آباد(ڊ ر   ) جيڪب آباد ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ 2 ناريون قتل جڏهن ته هڪ نوجوان زخمي ٿي پيو آهي. بقا محمد ٿاڻي جي حد ڳوٺ برڪت جکراڻي ۾ جوابدار علي نواز جکراڻي ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي ڀاڻيجي ساجده ۽ ڀائيٽي شاھه بيبي کي قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته جوابدار  فائرنگ ڪري پنهنجي پٽ يار محمد جکراڻي کي به زخمي ڪري فرار ٿي ويو. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻئي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ کان پوءِ سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا.  پوليس موجب جوابدار علي نواز جکراڻي ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي ڀائيٽي ۽ ڀاڻيجي کي قتل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته پٽ کي زخمي ڪري ڇڏيو. اهڙي ڪارروائي کان پوءِ جوابدار فرار ٿي وڃڻ ۾  ڪامياب ٿي ويو آهي جنهن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button