بريڪنگ نيوزسنڌ

سجاول ۾ ڳوٺاڻن جو بااثر جي زيادتين خلاف احتجاج

سجاول (ڊ ر) سجاول ۾ ڳوٺاڻن جو بااثر جي زيادتين خلاف احتجاج، ميرپور بٺورو لڳ ڳوٺ فقيرو پرهياڙ جي رهواسي محمد رمضان پرهياڙ پنهنجي گهر واري مسمات ٻڍي ۽ 4 پٽن دلدار، رجب محمد عرس ۽ غلام علي پرهياڙ سان گڏ گذريل ڏينهن نيشنل پريس ڪلب سجاول ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان جي پرهياڙ برادري جو اڳواڻ واحد پرهياڙ اسان سان سخت زيادتي ڪري رهيو آهي، هن چيو ته اسان جي ڳوٺ جي ويجهو اسان جي 6 ايڪڙ سروي زمين آهي جنهن ۾ اسان سارين جو فصل پوکيو هو جيڪو تيار ٿيڻ بعد اسان ڪجهه ڏينهن اڳ سارين جي فصل جو لابارو ڪري رهيا هئاسين ته ايتري ۾ واحد پرهياڙ اسان وٽ اسان جي زمين تي آيو ۽ اسان کي اتان واپس وڃڻ جون ڌمڪيون ڏنيون جنهن تي اسان کيس انڪار ڪيو ۽ سبب معلوم ڪيو ته هو واپس هليو ويو ۽ ٿوري دير بعد هو ڪجهه نامعلوم هٿياربند وٺي آيو ۽ ايندي ئي منهنجي پٽن کي مارڪٽ ڪئي ۽ هڪ پٽ دلدار کي کڻي وڃي رهيا هئا جنهن تي اسان رڙيون ڪيون ته هو اسان کي ڌمڪائيندي روانو ٿيو ۽ هاڻ اسان کي اسان جي پنهنجي زمين تي اچڻ لاءِ منع ڪري رهيو آهي، هن چيو ته اسان غريب مسڪين ماڻهو آهيون اسان محنتون ۽ خرچ ڪري سارين جو فصل پوکيو هو ۽ هاڻ واحد پرهياڙ پاران اسان سان زيادتين ڪري اسان پنهنجي زمين تي وڃي به نٿا سگهون ۽ اسان جو فصل ڇڻي تباھ ٿي رهيو آهي ۽ اسان کي وڏو نقصان ٿي رهيو آهي، هن چيو ته واحد پرهياڙ کان اسان کي مالي ۽ جاني نقصان آهي جنهن جي اسان ايس ايس پي سجاول شهلا قريشي کي به شڪايت ڏني آهي پر اسان سان انصاف نه ٿيو، هن آئي جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته اسان سان ٿيل زيادتي جو ازالو ڪيو وڃي ۽ اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button