بريڪنگ نيوزقومي

سپريم ڪورٽ پاران8 فيبروري تي ملڪ ۾چونڊون يقيني بڻائڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت کي 8 فيبروري 2024 ۾ عام چونڊون يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.ملڪ ۾ 90 ڏينهن ۾ چونڊن بابت ڪيس ۾ صدر عارف علوي طرفان 8 فيبروري 2024 ۾ عام چونڊن بابت دستاويز تي صحيحن کانپوءِ سپريم ڪورٽ ڪيس اڪلائي ڇڏيو.سپريم ڪورٽ چيو ته صدر ۽ اليڪشن ڪميشن جي اعلانيل تاريخ تي چونڊون ٿين، عام چونڊن جي تاريخ جو نوٽيفڪيشن به جاري ٿي چڪو آهي، 8 فيبروري تي چونڊون ڪرائڻ تي ڪنهن ڌر کي اعتراض ناهي، تنهن ڪري وفاقي حڪومت 8 فيبروري تي چونڊون يقيني بڻائي.عدالت عظميٰ چيو ته سڀ ضرورتون پوريون ٿيڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن چونڊ شيڊيول جو اعلان ڪري، چونڊن جو معاملو سڀني ڌرين جي رضامندي سان حل ٿي چڪو آهي، عوام کي چونڊيل نمائندن کان پري نٿو رکي سگهجي، اميد ٿا ڪيون ته هر ادارو بختگي ۽ سمجهه سان هلندو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button