بريڪنگ نيوزسنڌ

سڪرنڊ جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول حاجي سومر خان مگسي کي ٽن سالن کان تالا لڳل، معصومن جو مستقبل داءُ تي، احتجاج

سڪرنڊ ( رپورٽ: مسعود عمراڻي) گورنمينٽ پرائمري اسڪول حاجي سومر خان مگسي گذريل ٽن سال کان بند پيل اسڪول جون نياڻيون ۽ ٻار تعليم کان محروم ان سلسلي ۾ اسڪول جي ٻارن احتجاج طور بند پيل اسڪول آڏو ميڊيا کي دانهيندي ٻُڌايو ته اڄ جي جديد دور ۾ به اسين تعليم جهڙي زيور کان محروم آهيون. هوڏانهن ڳوٺ جي نيڪ مرد لاهوتي مگسي ميڊيا کي ٻڌايو ته لاڳيتو ٽن سالن کان تعليم کاتي جي آفيسن جا پنڌ ڪري درخواستون ۽ دانهون ڏئي چڪا آهيون پر اڃا تائين نه استاد مقرر ڪيو ويو آهي نه ئي اسڪول کلي سگهيو آهي. هن چيو ته هڪ پاسي ٻارن جي تعليم ضايع ٿي رهي آهي ته ٻئي پاسي ٻار گهٽين جي رولاڪين ۾ وقت گذاري رهيا آهن. هنن اهو به چيو ته اسين ميڊيا کي آخري آسرو سمجهي مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جي ٻچن جي تعليم جو خيال ڪري ڄاڻايل اسڪول ۾ استاد مقرر ڪري اسڪول کوليو وڃي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button