بريڪنگ نيوزقومي

فواد چوڌري 2 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس جي حوالي

اسلام آبا(بيورو  ) اسلام آباد جي مقامي عدالت اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري کي ڌمڪين ڏيڻ واري ڪيس ۾ 2 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو. اسلام آباد جي آبپاره ٿاڻي طرفان گذريل ڏينهن گرفتار ڪيل اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري کي بڪتر بند گاڏي ۾ ڊسٽرڪٽ جوڊيشل ڪمپليڪس آندو ويو. پوليس فواد چوڌري جي منهن تي ڪپڙو وجهي ڊيوٽي مئجسٽريٽ عباس شاهه جي عدالت ۾ پيش ڪيو. فواد چوڌري عدالت جي آڏو استدعا ڪئي ته مان اڳوڻو وفاقي وزير رهي چڪو آهيان ۽ سپريم ڪورٽ جو وڪيل به آهيان مون کي توهين جوڳي طريقي سان عدالت ۾ آندو ويو. فواد چوڌري کي ظهير نالي شخص طرفان داخل ڪيل ايف آءِ آر تي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس ايف آءِ آر جو متن پڙهندي عدالت کي ٻڌايو ته فواد چوڌري بطور وفاقي وزير نوڪري جو آسرو ڏئي 50 لک روپيه وصول ڪيا هئا پر نوڪري جو واعدو پورو نه ڪيو ويو. شهري جڏهن پئسن جي واپسي جي گهر ڪئي ته فواد چوڌري کيس قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون. پوليس عدالت کان فواد چوڌري جي 5 ڏينهن جي ريمانڊ جي استدعا ڪري ڇڏي. فواد چوڌري چيو ته ظهير نالي شخص ايترو سست آهي جو اڄ اهو عدالت ۾ به پيش نه ٿيو آهي. مون کي ڦڦڙن جي بيماري آهي. ڊاڪٽرن تائين پهچ ڏني وڃي ۽ گهر وارن سان به ملڻ جي اجازت ڏني وڃي جنهن کان پوءِ عدالت فواد چوڌري جو 2 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪندي کيس پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button