بريڪنگ نيوزقومي

پارٽي اڳواڻ چونڊن جي تياري ڪن، جتان ترقي جو سفر ڇڏيو اتان شروع ڪنداسين: نواز شريف

لاهور (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف چئن سالن کانپوءِ سياسي سرگرمين جو باضابطا آغاز ڪري ڇڏيو آهي. نواز شريف جي صدارت هيٺ مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻن جو مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان بابت تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. ن ليگ اڳواڻ نواز شريف تقريبن ساڍا 4 سالن کانپوءِ ماڊل ٽائون ۾ پارٽي سيڪريٽريٽ پهتو ته شهباز شريف سميت ن ليگ جي سينيئر قيادت سندس آجيان ڪئي. ان موقعي تي مريم نواز، خواجا آصف، اسحاق ڊار، احسن اقبال سميت ن ليگ قيادت به موجود هئا.  نواز شريف پارٽي سيڪريٽريٽ جي مختلف حصن جو دورو پڻ ڪيو ۽ پارٽي اڳواڻن جي اهم اجلاس جي صدارت ڪندي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان جو مقصد پاڪستان کي مهانگائي، بيروزگاري ۽ دهشتگردي کان نجات ڏيارڻ آهي. مسلم ليگ ن اڳ به پاڪستان جي ترقي جي سياست ڪئي آهي ۽ اهو سفر جاري رهندو. پاڪستان کي تمام جلد ايشين ٽائيگر بڻائينداسين. نواز شريف پارٽي ڪارڪنن کي اليڪشن جي ڀرپور تياري ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button