بريڪنگ نيوزسنڌ

گهوٽڪي ڀرسان همراهه ريل گاڏي مان ڪري فوت

گهوٽڪي (ڊ ر) گهوٽڪي ويجهو رحيم يار خان ويندڙ جعفر ايڪسپريس ٽرين مان ڪِري هڪ شخص فوت ٿي ويو ريلوي اختيارين موجب ٽرين مان ڪِري فوت ٿيل شخص جي سڃاڻپ محمد انور طور ٿي آهي جيڪو صادق آباد جي چک نمبر 173 جو رهواسي آهي ريلوي اختيارين موجب 39 اپ جعفر ايڪسپريس کان ايندڙ مسافر 529 ڪلوميٽر مهيسرو ۽ گهوٽڪي جي وچ ۾ ڊائون ٽريڪ تي ڪري پيو. جيڪو مٿي ۾ دڪ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو جنهن بعد فوتي جو لاش تعلقي اسپتال آندو ويو جڏهن ته سندس جيڪٽ جي کيسي مان 6 لک 84 هزار 870 رپيا روڪ رقم پڻ ملي آهي جنهن بعد ريلوي پوليس سکر جي ڊي ايس پي امين عالم جي هدايتن تي اي ايس آءِ جهان خان چاچڙ، پوليس ڪانسٽيبل راڻا عمر دراز، رياض احمد فوتي جي پٽ محمد مرتضيٰ کي فوتي جي کيسي مان مليل روڪ رقم ۽ لاش حوالي ڪيو. جنهن بعد فوتي جي مڙهه کي ايمبولينس ذريعي صادق آباد پهچايو ويو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button