بريڪنگ نيوزسنڌ

حُر جماعت جي معزز شخصيت فقير حاجي ابراهيم راڄڙ وفات ڪري ويو

چوٽياريون (ن م)  چوٽياريون جي مشھور سياسي سماجي شخصيت حُر جماعت جو معزز فقير حاجي ابراهيم راڄڙ دل جي دوري سبب هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو جنهن جي جنازه نماز چوٽيايون ويجهو ڳوٺ مير محمد علي جوڻيجو جوڳيون ۾ ادا ڪئي وئي جنازي نماز ۾ درگاھ شريف فيصلا ڪاميٽي جي چيئرمين حاجي پيربخش جوڻيجو، بابر جوڻيجو روشن جوڻيجو سيد شھاب الدين شاھ ضلعي ميمبر سيد سلام شاھ فقير غلام رسول بهڻ يوسي چيئرمين فقير مبارڪ راڄڙ يوسي چيئرمين طارق جٽ فنڪشنل مسلم ليگ ضلعي سانگهڙ جي جوائنٽ سيڪريٽري علي اڪبر جوڻيجو ڊاڪٽر سيد عبداللطيف شاھ سيد لياقت شاھ شاعر سيد ممتاز شاھ سيد ذاهد شاھ اڪبر بڙدي لائق چانڊيو محمد فقير جوڻيجو انساني حقوق اڳواڻن سيد مشتاق علي شاھ سيد لال خان شاھ فقير آچر راڄڙ حاجي خان جوڻيجو سيد علي گوهر شاھ حاجي محمد عالم ڪنڀر واحد بخش راڄڙ سيد حسين شاھ فدا يار محمد شر سميت مختلف سياسي سماجي شخصيتن حرجماعت جي معززين فنڪشل مسلم ليگ جي عهديدارن توڙي علائقي جي عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي مرحوم کي سوين آلين اکين سان سندس آبائي قبرستان ۾ دفنايو ويو مرحوم پوري علائقي ۾ انسانيت جي خدمت ۽ هر غريب امير خاص ۽ عام کي ڏک سک ۾ ڪم اچڻ وارو ماڻھو هو سندس وڇوڙي تي پوري علائقي ۾ سوڳ واري ڪيفيت ڇانئيل آھي سندس تڏو  چوٽياريون ويجهو سندس ڳوٺ مير محمد علي جوڻيجو جوڳيون جي ڀٽ ۾ وڇايو ويو آھي جتي سندس پونئرن سان عزرخواهي جو سلسلو هلندڙ آھي

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button