بريڪنگ نيوزقومي

کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي ڪيسن لاءِ نگران گهرو وزير جي سربراهي ۾ ڪاميٽي قائم

اسلام آباد (بيورو)نگران وفاقي حڪومت کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي ڪيسن لاءِ اهم قدم کڻندي گهرو  وزير جي سربراهي ۾ ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي، وفاقي ڪابينا نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي جي سربراهي ۾ ٽه رڪني وزيرن جي ڪاميٽي جي منظوري ڏئي ڇڏي. جنهن جو قانون ۽ انصاف واري وزارت نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. قانون واري وزارت عملدارن نوٽيفڪيشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو.  نوٽيفڪيشن مطابق  گهرو وزير چيئرمين، قانون وارو وزير ۽ بچاءِ وارو وزير ڪاميٽي جا ميمبر هوندا. ڪاميٽي کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي ڪيسن جو جائزو وٺندي.  نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو ته ڪاميٽي انساني حقن جي تنظيمن کان مدد وٺي سگهي ٿي. واضح رهي ته ٽه رڪني ڪاميٽي جي منظوري وفاقي ڪابينا 7 نومبر تي ڏني وئي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button