بريڪنگ نيوزسنڌ

اوٻاوڙو ۾ ڀاءُ هٿان ڀاءُ قتل،لاش ڳجھه ڳوھه ۾ دفنائڻ جي ڪوشش

اوٻاوڙو (ن م)اوٻاوڙو لڳ ڳوٺ شمس ڇپري ۾ دل ڏکائيندڙ واقعو پيش آيو آھي گھر اندر دلبر اوڏ جو ڪھاڙيون لڳل لاش ھٿ  ڳوٺاڻا پھچي ويا ڳوٺاڻن جي اطلاع تي اوٻاوڙو پوليس واقعي واري هنڌ پھچي مقتول جو لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو پوليس لاش کڻائي تعلقه اسپتال اوٻاوڙو پھچايو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو واقعي جو ڪارڻ  پيسن جي لالچ ۾ اچي ننڍي ڀاءُ رميش ڪمار پنھنجي وڏي ڀاءُ دلبر اوڏ کي مبينا طور ڪھاڙيون ھڻي قتل ڪرڻ جا علائقي ۾ چوٻول آھن ان موقعي تي ايس ايڇ او اوٻاوڙو منصور علي ھطار ٻڌايو ته ننڍي ڀاءُ رميش ڪمار اوڏ پيسن جي لالچ ۾ اچي پنھنجي وڏي ڀاءُ دلبر اوڏ کي ڪھاڙين جا وار ڪري قتل ڪرڻ کان پوءِ گھر جي اڱڻ ۾ گڏ کوٽي دفن ڪري رھيو ھو ته اطلاع پوليس پھچي جوابدار کي گرفتار ڪيو آھي جوابدر کان وڌيڪ پڇاڳاڇا ڪري رھيا آھيون وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويندو آخري اطلاع ٿائين واقعي جو ڪيس داخل  نه ٿي سگھيو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button