بريڪنگ نيوزسنڌ

سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ سياري جي مند جو پهريون وسڪارو، وڄ ڪرڻ جي واقعن ۾ پيءُ پٽ سميت 4 ڄڻا فوت

حيدرآباد (نمائندن وٽان) سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ سياري جي مند جو پهريون وسڪارو، وڄ ڪرڻ جي واقعن ۾ پيءُ پٽ سميت 4 ڄڻا فوت ٿي پيا، ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو، ميرپورخاص، سامارو، جهنڊو مري، کپرو، سانگهڙ، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر ، ٽنڊو الهيار ۽ ٻين علائقن ۾ برسات بعد ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي، ٿرپارڪر ضلعي ۾ اڻمنڌائتي مينهن ماروئڙن جا سُور ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن، سياري جي مُند جو پهريون ڳڙن سان زوردار وسڪارو ٿيو،گذريل رات 3 بجي بعد کنوڻن جي زوردار تجلن ۽ گجگوڙ جي ڌماڪن سان برسان جو وسڪارو ٿيو جيڪو وقفي وقفي سان لڳاتار 11 ڪلاڪ مينهن وسندو رهيو، برسات سان گڏ مختلف ڳوٺن ۾ برفباري پُڻ ٿي، اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ وي هنگورجا ۽ ٿرڪول بلاڪ ٽو سميت ويجهن علائقن تي برفباري ٿي، ٿر جي تاريخ ۾ پهريون وڏي تعداد ۾ ڳڙن سان گڏ ٿيل برفباري ماروئڙن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڳڙن ۽ برفباري سان گڏ پيل برسان دوران مختلف ڳوٺن تي وِڄون ڪِرڻ سبب پيءُ ۽ پُٽ ۽ هڪ عورت سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته مختلف ڳوٺن ۾ کنوڻ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 600 کان وڌيڪ ٻڪريون ۽ رِڍون پُڻ مري ويون آهن، ڀاڳين کي لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي، مليل رپورٽن موجب ته ڇاڇري جي ڳوٺ وائوڙي دورا جي هاشم پاڙو ۾ گهر جي ڪکاوان چونئري تي برسات دوران وڄ ڪرڻ سبب پيءُ پٽ فوت ٿي ويا،ٻارڙي بيهوش ٿي وئي،75 سالن جو سليمان پٽ ماکن نهڙي ۽ پٽ 22 سالن جو رمضان پٽ سليمان فوت ٿي ويا ۽ 10 سالن نينگري ڪلثوم بيهوش پئي،جنهن کي بيهوشي واري حالت ۾ ڇاڇرو اسپتال آندو ويو،جتي ڊاڪٽرن پاران پيءُ ۽ پٽ جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، ڊاڪٽرن موجب ٻارڙي ڪلثوم بيهوشي واري حالت ۾ ڇاڇرو اسپتال ۾ زير علاج آهي، حالت ڳڻتي جوڳي آهي، سوشل ميڊيا ذريعي مليل ڄاڻ موجب ته ڳوٺ مھندري جو پار لڳ محب مجنو جي ڍاڻي ۾  آسماني بجلي ڪرڻ سب ھڪ عورت فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، هوڏانهن ننگرپارڪر جي ڳوٺ چونچا ۾ صبح سوير آسماني بجلي ڪرڻ سبب 17 ورهين جو نوجوان قلندر جوڻيجو فوت ٿي ويو،کنوڻ ڪرڻ جي واقعن ۾ 9 ڄڻا زخمي پُڻ ٿيا، گڏڪيل معلومات موجب ته ننگر پارڪر لڳ ڳوٺ ويراواھ جي رھواسي مدد سمون ۽ صمند سمون جون 30 ٻڪريون ۽ رڍون کنوڻ ڪرڻ سبب  مري ويون، ڇاڇرو جي ڳوٺ ريشم جو تڙ ۾ برسات دوران کنوڻ ڪرڻ سبب ڳوٺاڻي قربان سميجو جون ست ٻڪريون سڙي مري ويون،ڏاهلي تعلقي ڳوٺ لکاڻي پاڙو ۾ گهر  تي کنوڻ ڪرڻ سبب ڪکاوان چونئرو سڙي رک ٿي ويو،ڀاتي جاني نقصان کان معفوظ رهيا،ننگرپارڪر جي ڳوٺ ويرواهه ويجهو کنوڻ ڪرڻ سبب ڳوٺاڻي صمند سمون جون 30 ٻڪريون ۽ رڍون سڙي مري ويون،ڳوٺ ڪيريو ڏوهٽ ۾ وڄ ڪرڻ سبب پورهيتن جون 80 ٻڪريون مري ويون،ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ پيارو جي ڍاڻي لڳ آسماني بجلي ڪرڻ سبب ساوڻ نهڙي  جون 10 رڍون  مري ويون،جڏهن ته اڻمنڌائتي مينهن ماروئڙن لاءِ مصيبتن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي،ٿري هارين پاران فصل ڪڍي کَرن ۾ گڏ ڪيل اناج به برسات سبب خراب ٿي ويو آهي،ٻنين جي کَرن ۾ پيل اناج مڪمل طور تي برسات سبب سڙي ڪارو ٿي ويو آهي،جيڪو استعمال لاءِ نه رهندو،جنهن سبب هارين جي ڪيل محنت کي برسات لوڙهي ڇڏيو آهي،غريب هارين کي لکين روپين جو نقصان پئجي ويو آهي،جن جا هٿ مٿي تي اچي ويا آهن.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button