بريڪنگ نيوزسنڌ

ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان پراسرار گولي لڳڻ سبب عورت فوت، وارثن پاران قتل جو الزام

ڏندو (ن م) ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان امام واھ جي بهراڻي موري وٽ پراسرار گهر اندر گولي لڳڻ سبب 22 ورهين جي سڀائي زال سڪندر مگسي فوت ٿي وئي. نوجوان ناري کي صبح جو گولي لڳي جنهن کي وارثن پاران زخمي حالت ۾ حيدرآباد سول اسپتال نيو ويو جتي هو زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي وئي. فوتي ناري سڀائي جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ٽنڊومحمد خان ضلعي هيڊ ڪواٽر اسپتال آندو ويو. جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن ناري جي وارثن قتل جوالزام ھڻندي ٻڌايو ته اسان جي ڇوڪري کي ڏيڊ سال اڳ سڪندر مگسي ڳوٺ حاجي خان چانڊيو مان اغوا ڪري ساڻس شادي ڪئي وئي هئي. هو اڳ شادي شده هئي اسان کي ساڻس ملڻ به نه ڏنو ويندو هو ھاڻي کيس قتل ڪيو ويو آھي. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ٽنڊوغلام حيدر اياز ڀٽي ٻڌايو ته واقعو خودڪشي آھي يا قتل اهو جاچ ڪرڻ بعد خبر پوندي. في الحال پوسٽ مارٽم ڪرائي لاش وارثن حوالي ڪيو ويندو، جڏهن ته آخري اطلاع تائين واقعي جو اڃا تائين ڪو ڪوبه ڪيس وغيره داخل ناهي ٿي سگهيو

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button