بريڪنگ نيوزسنڌ

بدين ۾ انڊس اسپتال جي ملازمن جو پگهارون نه ملڻ خلاف ڌرڻو

بدين(ڊ ر)انڊس هيلٿ نيٽ ورڪ ڪراچي جي زير انتظام هلندڙ ڊاڪٽر سڪندر منڌرو سول اسپتال بدين کي سنڌ حڪومت طرفان معاهدي تحت وقت سر منظور بجيٽ جاري نه ڪرڻ سبب مالي بحران جو شڪار انڊس اسپتال جي 12 سئو ملازمن جنهن ۾ آفيسر ۽ ۽ ننڍا ملازم شامل آهن کي پڻ ٻن مهينن کان پگهارون نه نه ملي سگهيون آهن ان ڏس ملازمن طرفان اولڊ او پي ڊي ۾ ڊيوٽي جو بائيڪاٽ ڪندي گولاڙچي روڊ واري ڪيمپس(اسپتال ) کان هيڊ آف ڪيمپس ڊاڪٽر اخلاق احمد رضوان نظاماڻي واثق ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻه ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري گولاڙچي روڊ تي انڊس موڙ وٽ ڌرڻو هڻي  مظاهرو ڪيو ويو  جنهن دوران روزانه مھراڻ سان ڳالهائيندي ملازمن چيو ته 18 مهينن کان سنڌ حڪومت انڊس اسپتال ڪراچي سان معاهدي تحت فنڊ رليز نه ڪري رهي آهي جنهن کي ڪراچي اسپتال جي فنڊن مان هلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر فنڊن جي مسلسل کوٽ سبب اسپتال ۾ مريضن کي علاج معالجي جون سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن ڪافي سهولتون بند ڪرڻيون پيون آهن هنن چيو انڊس اسپتال بدين کي وقت سر فنڊ نه ملڻ ۽ اسپتال ۾ هلندڙ مالي بحران جون اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ خبرون هلڻ بعد 21 هين نومبر تي وڏي وزير مقبول باقر رضوي اعلان ڪيو ته انڊس اسپتال کي 50 ڪروڙ رليز ڪيا ويا آهن جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي پر ٻه هفتا ٿي ويا آهن وڏي وزير جي اعلان تي به عمل نه ٿيو آهي هنن چيو ته سنڌ حڪومت جي لاڳاپيل کاتن ۽ ڪامورن جي نااهلي سبب سنڌ اسيمبلي ۽ ڪابينا طرفان منظور فنڊ به وقت سر نه ملڻ سبب ضلعي جون ٻه ڪنٽينر اسپتال بند ٿي 100 ملازم گهر ڀيڙا ٿي چڪا آهن جڏهن ته بدين ڪيمپس ۾ ڊيوٽي ڪندڙ 12 سئو ملازمن کي ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب مالي پريشانين جو شڪار آهن مهانگائي جي هن دور سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن پر سنڌ حڪومت جي ڪامورن کي ڪير چوڻ وارو نه آهي هنن مطالبو ڪيو ته انڊس اسپتال کي سنڌ حڪومت طرفان اعلان ڪيل بجيٽ رليز ڪئي وڃي ته جيئن مريضن کي علاج معالجي جون سهولتون فراهم ٿي سگهن ملازمن کي به وقت سر پگهارون ملنديون رهن هنن اهو چتاءُ ڏنو ته جيڪڏھن سنڌ حڪومت انڊس اسپتال بدين کي بجيٽ جاري نه ڪئي ته اسپتال جا ملازم ڪئمپس کان شهر طرف مارچ ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هڻندا جيڪو مطالبن جي مڃتا تائين جاري رهندو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button