بريڪنگ نيوزسنڌ

سيٺارجا ويجھو سم نالي کي ڏهه فٽ گهارو، ڪڻڪ جو فصل پاڻي هيٺ

سيٺارجا(ن م)سيٺارجا ويجھو يوسي ڏيپارجا جي ڳوٺ عاقل خان گهانگهرو وٽان سم نالي کي ڏهه فٽ گهارو پئجي ويو گهارو پوڻ سبب ڪڻڪ جو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو جڏھن ته پاڻي مختلف ڳوٺن طرف وڌڻ لڳو بار بار اطلاعن جي باوجود آبپاشي اسڪارپ کاتي جو ڪوبه عملدار واقعي واري هنڌ نه پهچي سگهيو ڳوٺاڻان پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ لڳا، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ڏيپارجا جي پمپ جا لڳل اٺ پمپ بند ٿي ويا آهن جنهن سبب سم نالي کي گهارو پئجي ويو آھي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button