بريڪنگ نيوزقومي

رياست پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ کٽي چڪي آهي: انوار الحق ڪاڪڙ

ڊيرا اسماعيل خان (اين اين آءِ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو  آهي ته رياست پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ کٽي چڪي آهي. عالم حق رياست ۽ امن سان گڏ بيٺا آهن، دهشتگرد حملن جو اڳيان وڌي منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين.  دهشتگرد ڀلي ڇا  به ڪري ڪامياب نه ٿيندا. اربع تي اهڙن خيالن جو اظهار هن  ڊيرا اسماعيل خان دهشتگرد حملي ۾ زخمي ٿيل ماڻهن جي عيادت ڪندي ڪيو. هن چيو ته  ملڪ جي تحفظ لاءِ زخمي ٿيل جوانن جا حوصلا بلند آهن، مان کين حوصلو ڏيڻ لاءِ آيو آهيان، پر انهن جوانن مون کي حوصلو ڏنو آهي. پر هي نوجوان زخمي هجڻ باوجود دشمنن جو مقابلو ڪرڻ  جو  عزم رکن ٿا.  هن چيو ته حملو ڪندڙن کي خبردار ڪري رهيو آهيان اهي هيءَ جنگ هارائي چڪا آهن. رياست پاڪستان هيءَ جنگ کٽي چڪي آهي. اهي هارايل  جڏهن ته اسان کٽيل جنگ وڙهي رهيا آهيون. هن چيوته پنهنجي سرزمين جي حفاظت ڪندڙ شهيد ۽ زخمي الله اڳيان سرخرو ٿيندا. هن کٽيل جنگ ۾جن قربانيون ڏنيون اهي هتي ڪامران ۽ جنت ۾ راحت ۾ هوندا. جڏهن ته دهشتگرد دنيا ۽ آخرت ۾ رسوا ٿيندا. هي دوزخ جا هيٺين درجي وارا ماڻهو آهن. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هزارين پاڪستانين پنهنجيون جاني قربانيون ڏنيون آهن ۽ اسان وڌيڪ قربانيون ڏيڻ لاءِ به تيار آهيون. ان موقعي تي وزيراعظم دهشتگرد حملي ۾ زخمين جي عيادت به ڪئي.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button